قاهره (شوبز نيوز) مصر جي مشهور اداڪارا سلويٰ محمد علي جي تڪراري وصيت سوشل ميڊيا تي ڪهرام مچائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مصري اداڪارا انٽرويو دوران پنهنجي عجيب و غريب خواهش جو اظهار ڪيو. مصر جي نيشنل ٿيٽر سان لاڳاپيل اداڪارا جي خواهش آهي ته سندس جنازو ٿيٽر مان ڪڍيو وڃي ۽ بعد ۾ جنازي نماز لاءِ مسجد آندو وڃي. اداڪارا جي وصيت سوشل ميڊيا تي هڪ نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس سوشل ميڊيا تي واهپيدارن طرفان شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. واضح رهي ته مصر جي ٿيٽر مان جنازو ڪڍڻ جي روايت نئين ناهي، ان کان پهريان به هدايتڪار يوسف شاهين، اداڪار شفيق نور الدين ۽ توفيق الدقن جو جنازو مسجد کان پهريان ٿيٽر مان ڪڍيو ويو هو.