حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ مري مائنر جي بااثر آبادگارن آبپاشي قانون جا بخيا اڊيڙي لکين رپين جي ماليت سان پڪي ٿيل شاخ جا بلاڪ ٽوڙي پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ پائيپ لڳائي ڇڏيا آهن. اهي پائيپ 3 ڏينهن اڳ لڳايا ويا پر آبادگارن جي نشاندهي جي باوجود نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي عملدارن انهن بااثر آبادگارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. ٻڌايو پيو وڃي ته جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ جمڙائو سب ڊويزن جي مري مائنر کي تازو ئي ڪروڙين رپين جي ماليت سان پڪو ڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود پاڻي جي چوري رڪجي نه سگهي آهي ۽ بااثر آبادگار سينا زوري تي لهي آيا آهن. بااثر آبادگارن پڪي ٿيل شاخ کي نقصان رسائيندي ان جا بلاڪ ٽوڙي ڇڏيا ۽ نه رڳو شاخ جي مٿان پر شاخ جي اندران به وڏا پائيپ لڳائي پاڻي چوري ڪرڻ شروع ڪيو آهي. علائقي جي ننڍن آبادگارن جو چوڻ آهي ته مري مائنر پڇڙي ۾ پاڻي نٿي پهچائي جنهن سبب شاخ جي غلط ڊزائين سان گڏ بااثر آبادگارن جي سينا زوري به آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ مجتبيٰ ڌامراهه ٻڌايو ته ان شاخ تي پاڻي چوري ڪندڙ هڪ آبادگار خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. پاڻي چوري جي جيڪا تازي وڊيو سامهون آئي آهي تنهن کي نظر ۾ رکي لاڳاپيل سب ڊويزن جي اسسٽنٽ انجنيئر کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سرزمين تي وڃي صورتحال جو جائزو وٺي ۽ جيڪو به آبادگار پاڻي چوري ۾ ملوث آهي ان خلاف ڪارروائي ڪري. واضح رهي ته آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير سهيل انور سيال بار بار اها دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته پاڻي جي چوري کي روڪيو ويو آهي ۽ عملي کي متحرڪ به بڻايو ويو آهي پر سامهون ايندڙ وڊيوز آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير جي ان موقف جي ابتڙ ثابت ٿي رهيا آهن.