ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي سانحي مري ۾اجل جو شڪار ٿيل شهرين جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ کان روڪيو آهي. حسن علي ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪيو ۽ لکيو ته مري سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪرڻ بند ڪريو، مري ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن کي روڪي به سگهجي پيو، پر تڪڙا قدم نه کنيا ويا.  ٻئي پاسي وسيم اڪرم چيو ته مري سانحو پاڪستان جي تباهي آهي، اهڙا واقعا ٿيندا رهيا ته پاڪستان ۾ سياحت ختم ٿي ويندي.