لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي واضح طور تي چيو آهي ته مريم نواز وزارت  عظميٰ جي اميدوار نه آهي، اها اليڪشن وڙهڻ جي اهل ناهي. شاهد خاقان عباسي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اليڪشن جڏهن به ٿين، اسانجو وزيراعظم جو اميدوار شهبازشريف هوندو، عام طور تي اهو ئي ٿيندو آهي ته جيڪو پارٽي جو صدر هوندو آهي، اهو وزيراعظم بڻجندو آهي، شهبازشريف ئي ايندڙ اليڪشن ۾ اسانجو وزيراعظم لاءِ اميدوار هوندو.