مرتضيٰ وهاب 173ووٽ کڻي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو: ذريعا

0
342

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مرتضيٰ وهاب 173ووٽ کڻي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب ڪراچي ميئر لاءِ ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي، پ پ اميدوار مرتضيٰ وهاب 173ووٽ  کڻي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو آهي

جماعت اسلامي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان کي  161ووٽ مليا، آصف زرداري پاران مرتضيٰ وهاب  کي ڪراچي جو ميئر چونڊجڻ تي  وڌايون  ڏنيون آهن

ميئر لاءِ نامزد پ پ جو اميدوار مرتضيٰ  وهاب ايوان کان ٻاهر نڪري آيو، وڪٽري  جو نشان ڏيکاري ٻيهر واپس هليو ويو

جماعت اسلامي پاران ڪورم پورو نه ھئڻ تي ووٽنگ تي اعتراض ڪيا ويا، اليڪشن کي رد ڪيو ويو آهي، پ پ ۽ جماعت اسلامي  جي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود، هڪ ٻئي خلاف نعريبازي ڪئي وئي

آصف علي زرداري پاران مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل ميمبرن  کي واڌايون ڏنيون آهن

هي به پڙهندا

ميرپورخاص: ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر تي پ پ اميدوار ڪامياب