مرتضيٰ وهاب ميئر ڪراچي: بلاول جون جيالن کي واڌايون: جماعت اسلامي جا سنگين الزام

0
297
مرتضيٰ وهاب ميئر ڪراچي
مرتضيٰ وهاب ميئر ڪراچي: بلاول جون جيالن کي واڌايون: جماعت اسلامي جا سنگين الزام

ڪراچي: پيپلزپارٽي جو مرتضيٰ وهاب 173 ووٽ کڻي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو، جماعت اسلامي جي حافظ نعيم کي 160 ووٽ مليا

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي جو سلمان عبدالله مراد 173 ووٽ کڻي ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو، ڊپٽي ميئر لاءِ نامزد جماعت اسلامي جي اميدوار سيف الدين کي 160 مليا

پولنگ اسٽيشن قرار ڏنل آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم ۾ شو آف هينڊ ذريعي پولنگ ڪرائي وئي، سٽي ڪائونسل جا 333 ميمبر پولنگ جي عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ پهتا

پي ٽي آءِ جا منحرف 30 ميمبر ووٽ ڏيڻ لاءِ نه آيا، فردوس شميم نقوي سميت پي ٽي آءِ جي ٽن ميمبرز کي هٿڪڙيون هڻي پيش ڪيو ويو

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب جي ميئر طور ڪاميابيءَ تي ردعمل ڏنو ته پيپلزپارٽي کي اڄ تاريخي ڪاميابي ملي آهي، اها ڪاميابي سموري پاڪستان جي فتح آهي

 

بلاول چيو ته اها ڪاميابي ڪراچي جي جيالن جي ڊگهي جاکوڙ ۽ قربانين جو ثمر آهي، ملڪ جي معاشي ڳڙهه ۾ نفرت ۽ ورهاڱي واري سياست پنهنجي منطقي انجام تي پهتي، جمهوريت بهترين انتقام آهي

 

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به ڪامياب ٿيل ميئرز، ڊپٽي ميئرز، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسلز ۽ ٽائون ڪميٽيز کي واڌايون ڏنيون

 

آصف زرداري مرتضيٰ وهاب کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته چونڊيل مڪاني نمائندن جي ڪاميابي ڪارڪنن جي محنت جو نتيجو آهي، چونڊيل نمائندا پنهنجين آفيسز جا دروازا عوام لاءِ کليل رکن ۽ اڄ کان ئي ڪم شروع ڪن

 

ميئر جي چونڊ فراڊ آهي: جماعت اسلامي

جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي ميئر لاءِ ٿيل چونڊ کي فراڊ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ٻيهر ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

جماعت اسلامي پاران اليڪشن ڪميشن ڏانهن لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ جي 29 ميمبرز کي اغوا ڪري ووٽ ڏيڻ کان روڪيو، حافظ نعيم الرحمان سڀاڻي سموري ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته پيپلزپارٽي اليڪشن ڪميشن سان ملي ڀڳت ڪري اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو

پ پ کٽي وئي پر جمهوريت هارائي وئي: شاهه محمود

تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ميئر جي چونڊ پيپلزپارٽي کٽي وئي پر جمهوريت هارائي وئي

جماعت اسلامي کي غنڊه گردي ختم ڪرڻ گهرجي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ناصر شاهه سان گڏ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي سموري سنڌ ۾ ڪلين سويپ ڪيو آهي، هر ڊويزن ۾ اسان جو ميئر ۽ ضلعي ۾ اسان جو چيئرمين چونڊجي آيو آهي، ڪراچي ۾ ڪنهن کي به بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين

شرجيل ميمڻ چيو ته  جماعت اسلامي کي غنڊه گردي واري سياست ختم ڪرڻ گهرجي، جيڪي هارائي ويا آهن اهي هار تسليم ڪن

 ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چيو هو ته هو ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيندو، جماعت اسلامي پرامن احتجاج ڪري سگهي ٿي

ميئر جي چونڊ، پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو

ميئر جي چونڊ جي موقعي تي آرٽس ڪائونسل ٻاهران پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو، هڪ ٻئي تي پٿراءُ ۽ لٺين جو وسڪارو ڪيو ويو

پوليس لٺبازي ۽ گرفتاريون ڪري مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو،  جماعت اسلامي جي ميئر لاءِ اميدوار حافظ نعيم پولنگ تي اعتراض واريندي چيو آهي ته 30 کان وڌيڪ ميمبرز کي گم ڪيو ويو آهي

هن کي به پڙهندا

مرتضيٰ وهاب 173ووٽ کڻي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو: ذريعا