ڏيپلو (رپورٽ: نريش موراڻي) مذھب مٽائي پسند جي شادي ڪندڙ ڏيپلو واسڻ ناري سمن ڪماري لوھاڻو عرف ڪائنات جو چاچو 40  ورهين جو  ڪشور ولد پرسو لوهاڻو صدمي ۾ فوت ٿي ويو، سمن لوهاڻي جي گهران نڪري وڃڻ واري خبر ٻڌندي ئي ڪشور کي صدمي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال داخل ڪرايو ويو هو،   طبيعت ۾ سڌارو اچي نه اچڻ ڪري ڪشور ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو،  جنهن جو اگني سنسڪار گوليمار شمشان گهاٽ ڪراچي ۾ ڪيو ويو. ٻي طرف هندو ناري ثمن جو جبري مذهب مٽرائڻ خلاف شهر جا سياسي سماجي اڳواڻ سراپا احتجاج بڻيل آهن، گذريل ڏينهن ڏيپلو شهر ۾ شٽر بند هڙتال پڻ ڪئي وئي هئي.