مدح نامه سنڌ جي مترجم مفسر قرآن سان ملاقات!

0
283
گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ

  مُني صدي جو احاطو ڪندڙ عمر عزيز جون پنجهتر بهارون ماڻيندڙ مفسر قرآن سان پهرين ملاقات چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ ڪانڊيري ڪنڀار جي ڳوٺ ۾ ٿي هئي پوءِ ته ڏاجهيري موري کان ويندي نبي سر واهه جي ڪناري تي موجود شهلي شاهه جي اڱڻ تي “بلبل مدينه” جي لقب سان ملقب هن محقق جا دلپذير گفتا ٻڌڻ جو بارها شرف ماڻيندا رهيا آهيون. ڏهاڪو سالن کان سندن “پير ڀائي” به سڏايون پيا جيتوڻيڪ هن دعويٰ تي پوري لهڻ ۾ بري طرح ناڪام آهيون. رب رکئي ڏاهري جو هي راڻو پنجاهه کن ڪتابن جو سوڌيندڙ سنواريندڙ به آهي ته نون جلدن تي مشتمل سندس لکيل “احسن البيان” نالي واري تفسير تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايئن ڊاڪٽريٽ ٿي رهي آهي جيئن ڊاڪٽر ابوالفتح محمد صغير الدين ۽ ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري سندس برادري جي مشهور سنڌي بزرگ مخدوم ابو الحسن ڏاهري جي علمي ڪارنامن تي پي ايڇ ڊي ڪري چڪا آهن. حال حيات عالمن تي عام طرح سان تحقيقي مقالا ڊاڪٽريٽ لاءِ قبول ٿيڻ جي روايت به عنقا پکي جيان اڻ لڀ رهي آهي پر علامه ادريس ڏاهري جي بالا بختي باري تعاليٰ وٽ مقبول نظر اچي ٿي جنهن اسڪالر کي هڪ پاسي خلق خدا ۾ به محبوبيت جو اعليٰ مقام مليو ته ٻئي پاسي فڪر نظر جا صاحب به کيس مقبوليت جي مسند تي تشريف فرما ڏسن ٿا.

ٽن سئو کن صفحن جو ڪتاب ميان رسول بخش رفيعي ٻگهئي صاحب “سُهڻي سنڌ جو سهڻو عالم” جي نالي سان قلمبند ڪري موصوف جي تبليغي، تحقيقي ۽ تدريسي خدمتن جو خوبصورت جائزو ورتو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري کي جنهن تحقيق تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي هئي ان جو عنوان هو. “سنڌي ٻولي ۾ قرآن پاڪ جا ترجما ۽ تفسيرون” سو جنهن کي هن موضوع بابت وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جو شوق هجي ته کيس اهو ڪتاب نظر مان ڪڍڻ جڳائي ٿو. جڏهن ته ڏاهري صاحب جي لکيل تفسير بابت ميان رسول بخش جي ڪتاب جا ٻه سئو کن صفحا مختص ٿيل آهن. اتان وافر مقدار ۾ مواد مهيا ٿي سگهي ٿو. احمد سولنگي چاهي ته سنڌي ادبي سنگت پاران هن محقق جي لکيل پنجاهه ڪتابن تي شاندار تقريب ۽ اها به مقيم ڏاهري جي ڳوٺ ۾ مولانا جي اوطاق تي ڪوٺائي سگهي ٿو. سولنگي صاحب جا والد بزرگوار ميان رسول بخش سولنگي ۽ مولانا صاحب سهڻي سائين جا نوازيل نائب رهيا آهن. ڳوٺ ۾ ان ڪري صلاحيو اٿم ڇاڪاڻ ته بزرگن جي مزاج گرامي ۾ هاڻي اها گرما گرمي ناهي رهي. چولستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي جهرجهنگ ۾ اڌ صدي تائين جنهن فصيح اللسان شيرين بياني سان خلق خدا کي سير حاصل روحاني ۽ علمي خزانا پئي پلٽائي ڏنا اهو ببر شير هن وقت لطيف سائين جي انهن سٽن جي تصوير بڻيل آهي:

جنهن مهئي ٿي مڻ کنيا

سو رڙهڻ کان به رهيو

اڻ پلاڻيو نه اٿئي

پر پلاڻيانس پيو

جيڏانهن وڳ ويو

هي به اسهي اوڏهين!

ڪنهن زماني ۾ نيڪڻ فقير سندس تحقيق تي تبصرو ڪندي عنوان ڏنو هو: “شاهپور جهانيان وارو شاهه جو شارح” ڏاهري صاحب ڀٽائي سائين جي بيتن جي شرح وارو ڪتاب ڏياري موڪليو جنهن جو عنوان هو “شاهه جا چونڊ شعر” سندس علمي ادارو شاهه پور جهانيان ۾ قائم آهي جتي هن سياهه ڪار جا به آوتي جاوتي سلسلا جاري رهيا آهن. لطيف سرڪاري کي علمي آسمان جو چنڊ به چوي ٿو ته سندس فڪر کي هيرن جي کاڻ سان تشبيهه ڏي ٿو. نثري سمجهاڻين سان گڏ موصوف نظم ۾ به سنڌ جي سونهن کي خوبصورت خراج تحسين پيش ڪندي نظر اچي ٿو.

سونهن سنڌ جي

شان وارو آ لطيف

جهڙين سٽن جو سرجڻهار ڪراڙ ڍنڍ واري ڪونڌر جي نقش قدم تي هلندي شاعري به ڪري ٿو. سندس ڪلياب جو نالو آهي “عمدا اشعار” جنهن ۾ چڙن جي چونگار به آهي ته جتن جي ڏنل جهوري به ملاحظه ڪري سگهو ٿا. سهڻي کي هن ريت ساريو اٿس.

دلو ڀڄي پيو پرواهه ناهي

ڪنديس ميهر ميهر.

سسئي کي هن ريت ٿو ٽربيوٽ پيش ڪري:

جبلن ۾ پئي ڊڪي ۽ ڊوڙي

پير پنهل جو ويچاري وو ڙي

گهوٽ پنهل تان گهوري گهوري

قديم سنڌي عالمن جي عربي فارسي ۾ لکيل ڪتابن کي جديد سنڌي ۾ منتقل ڪرڻ واري محنت ڪندي موصوف مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي ٻاريل شمع کي روشن ڪندي نظر اچي ٿو جنهن صاحب هلندڙ هڪ سئو سالا تاريخ ۾ هن ميدان جا بيشمار ملهه پهلوان پيدا ڪيا. ڏاهري صاحب مخدوم ابو الحسن ڏاهري جو ڪتاب: “رسالا نور”منظر عام تي آڻي سهڻي سردارصه جي وجود مبارڪ بابت عاشقاڻو ۽ عالماڻو مواد سولي سنڌي ۾ پلٽايو اٿس ته ٻئي پاسي ٻارهن امامن ۽ پنجتن پاڪ جي انفرادي حيثيت بابت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ڪتاب “نفحات الباهرهه” بابت تلخيص تعليق ۽ تحقيق جو حق ادا ڪندي صحيح راهه جي وضاحب ڪئي اٿس. هونئن ته سمورا ڪتاب سون ۾ تورڻ جهڙا آهن پر پاڻ فقط ٻن ڪتابن جو سرسري تذڪرو ڪري يوسف جي خريدارن جيان ادريس جي عقيدت مندن واري قطار ۾ بيهڻ جي سعادت ماڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين. آئون ڪنهن هاسپيٽل ۾ اٻاڻڪو ويٺو آهيان. هڪڙو ٿلهو ٿنڀرو همراهه اچي ڀرسان ويهي رهيو. چئي: سنڌين گرهوڙي گهوٽ سان انصاف ناهي ڪيو.

هيو به پنجابي پر سندس هٿ ۾ ڏاهري صاحب پاران ڇپرايل ۽ لکيل ڪتاب موجود هو. تن ڏينهن ۾ اسان فقيرن “گرهوڙيات” جي نالي سان ٽي ميگزين ٻن چئن سالن جي وقفي سان ڇپرايا هئا. ڪانفرنسون به ڪرايون سين. مون کيس چيو ته اهو فرض ڪفايو ڏاهري صاحب به ادا ڪيو آهي ته هن دور ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ابيات سنڌي ڪلام گرهوڙي ۽ فتح الفضل کان ويندي گرهوڙيات ۽ لنواريات تي ناقابل فراموش ڪم ڪيو آهي. پنجابي جو خيال هو ته سرڪاري ادارن کي به جس هجي پر ڄام ڪانڀو خان ۽ مولوي عبدالحي نقرچ جهڙا عوامي ڪردار علمي ڪمن لاءِ جيستائين ميدان ۾ نه ايندا تيستائين گرهوڙي پاران اسڪالرن جي فراهم ڪيل فڪري غذا مان سيرابي ممڪن بڻائي ڪونه سگهبي. ڄام صاحب ۽ نقرچ صاحب گرهوڙي جا عاشق هئا. ڪانڀوخان ليٿو پريس مان گرهوڙي جون سنڌيون ڇپرائي مفت ۾ تقسيم ڪيون هئائين جڏهن ته نقرچ سٺو ڪاتب هو هٿ اکرن سان “ ڪلام گرهوڙي” لکي عوام الناس ۾ پيو ورهائيندو هو. رات مونکي فوجي ولي اهڙي ئي قلمي نسخو هٿ ڪرڻ بابت ٻڌائي رهيو هو.

پير پريان جو جيڏيون

ڇڏيندي جيڪا

وندر جي واٽن تي

مِرن ماري سا

ڪيچ نه پهتي ڪا

آريچاڻي انس ري

…….

جوڳي پنهنجي جوءِ ويا،

جُڙ جيئن نيڻ جهمن

سخن ساميئڙن جا

هينئڙي منجهه هرن

سڄو موت مڱن

اڌ ڪُٺا آرام لئه!

پنجابي فقير جو خيال هو ته گرهوڙي حقيقت محمدي ۽ سلوڪ احسان جي ميدان ۾ جيڪي سنڌيون نظم واري تسبيح ۾ پرويون آهن اهڙا مثال آڻي ڏي ته مڃان. سندس راءِ هئي ته ادريس ڏاهري جيان تحرير ۽ تقرير ۾ شهيد عبدالرحيم منڱرئي کي متعارف ڪرائڻ واري مهم کي ٿڌو ٿيڻ نه ڏجي. اتفاق اهڙو ٿيو آهي جو هاڻ سنڌي اولياءَ ۽ اسڪالرز جي فڪر کي نئون نسل وڌيڪ دلچسپي سان پڙهي پيو. ٻئي جنهن ڪتاب بابت اوهان جي سمع خراشي ڪرڻ لاءِ اڻ تڻ ۾ آهيان ان جو نالو آهي  “مدح نامه سنڌ” ٿيو ايئن ته هڪڙي پٺاڻ عبدالغفور افغان سنڌين لاءِ نازيبا ريمارڪس وارو ڪتاب لکيو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي لالي کي رد ڪندي ڪتاب لکيو جنهن جو عنوان اوهان پڙهي چڪا آهيو. ڏاهري صاحب مخدوم صاحب جي ڪتاب کي فارسي مان سنڌي ۾ آندو. سندس اداري طرفان به هن ڪتاب جون سوين ڪاپيون قارئين تائين پهتيون ۽ اڄ به پهچن پيون. مقتدرهه سنڌي زبان وارن به هن ڪتاب کي اشاعت جي زيور سان آراسته ڪيو آهي.

مارئي کي کيريون ٻيريون ۽ ٻاوريون ڇو نه وڻن. پکا ۽ پهنوار ڪي وسارڻ جهڙا هوندا آهن ڇا؟ سو هن ڪتاب کي پڙهندي مونکي فارس جو اهو حڪمران ياد آيو جيڪو شڪار جي شوق ۾ وڃي دور دراز علائقن تائين رسيو. هفتا نه پر مهينا ٿي ويا. ساڻس گڏ جيڪا هالي موالين واري مخلوق هئي تن کي اچي اولاد ۽ اٽي جي لڳي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ٻيلي ڏيو خبر بادشاهه سلامت کي وطن ڏانهن واڳون ورائڻ لاءِ ڪيئن آمادهه ڪجي؟ شاعر عبدالله رودڪي چيو ته شاعري آئون ٿو جوڙيان. راڳنيون به ميڄالي ۾ موجود آهن. پوءِ هجر فراق ۽ وڇوڙي وارين ڌنن دوران بادشاهه سلامت جڏهن اهي بيت ٻڌا ته جتي پائڻ وسري ويس، سنجن کان آجي گهوڙي تي وڃي سوار ٿيو. چئي هاڻ جي اباڻن ڏانهن نه هلنداسين ته هينئون ڦاٽي پوندو، رودڪي جهڙوڪر مولوي احمد ملاح هجي:

اکين آرو ٻڌو اڄ پڻ

اباڻا ياد آيا ڪي

اتر کڻ کان کنوي کائڙ تي،

کنوڻين کيل لايا ڪي،

رودڪي فارسي ۾ هن ريت شروعات ڪئي هئي:

بوءِ جُوءِ موليان

آيد همي

ياد يار مهربان

آيد همي….

ڏاهري صاحب جتي تفسير حديث پاڪ فقهه ۽ ٻين روحانيت ۽ تصوف جي موضوعن تي ڪتاب لکي ڏاتر پاران عنايت ڪيل ڄاڻ جي کاڻ کي محفوظ ڪيو آهي اتي سنڌ دوستي جو ثبوت ڏيندي “مدح نامه سنڌ” کي سامهون آڻي ثابت ڪيو آهي ته ڪل جڳ ۾ سدائين ڪاپڙي پيدا ٿيندا رهندا ۽ ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي ناهي!.