مدئجي (ن پ ا) مدئجي ٿاڻي جي حد شاهه جو ڳوٺ ۾ زمين جي مالڪي تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو،گولي لڳڻ سبب پيرسن دين محمد جتوئي ۽ ٻي ڌر جو نوجوان خالد جتوئي زخمي ٿي پيا، جن کي وارثن کڻائي ٿاڻي تي پهچايو، پوليس جي موجودگي ۾ ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان ٻيهر حملو ڪري مارڪٽ ڪئي پوليس وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو.ڌرين پاران هڪٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي کين علاج لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو.پوليس موجب ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان جهيڙو ٿيو، ٻنهي ڌرين جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن زخمي خالد جتوئي جو چوڻ هو ته زمين تي هر ڪاهڻ ويا سين ته دين محمد جتوئي پٽن سميت حملو ڪري زخمي ڪيو آهي،ٻي ڌر جي زخمي پيرسن دين محمد جتوئي چيو ته خالد جتوئي وارن حملو ڪري مارڪٽ بعد گولي هڻي زخمي ڪيو.