مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان ٽي شاخي بس اسٽاپ سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مسافر گاڏي وارن کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو، جتي زخمين جي سڃاڻپ نئون ديرو واسي زرينا ۽  اصغر ڀٽو ۽ ٻين طور ڪئي وئي، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪار ڊرائيور وجهه وٺي فرار ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته زخمي نئون ديرو جي گوشت مارڪيٽ پاڙي جا رهواسي آهن، جيڪي موٽرسائيڪل تي سکر کان واپس نئون ديرو وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿيا.