مدئجي (ن پ ا) ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ عزت جي وانڍ ۾ ذوالفقار جوڻيجو ۽ مقبول جوڻيجو جي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، گوليون لڳڻ سبب خالد پٽ ذوالفقارجوڻيجو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي پوليس ۽ وارث عورتن کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو جتي کيس فوري طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو.زخمي جي امڙ عائشان خاتون دانهيندي چيوته برادري جا ماڻهو اسانجي مڇي تلاءَ مان مڇي ماري رهيا هئا ، روڪڻ تي فائرنگ ڪري پٽ کي زخمي ڪيو، اڳ به ساڳين جوابدارن فائرنگ ڪري اسان جي 4 ڄڻن کي قتل ڪيو هو،