مدئجي (ن پ ا )مدئجي جي باءِ پاس واري علائقي ۾ بروهي برادري جي گهرن کي لڳل باهه پنجن گهرن کي پنهنجي لپيٽ آڻي ڇڏيو، سڪندر بروهي، عطاءُ الله بروهي ۽ ٻين جا گهر سڙي خاڪ ۾ تبديل ٿي ويا، ڳوٺاڻن گهرن ۾ ستل عورتن ۽ ٻارن کي ٻاهر ڪڍي بچائي ورتو،  باهه سبب گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا،ٿانو کاڌي پيتي جو سامان اناج،روڪ رقم کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ۾ تبديل ٿي ويو