پيرس (شوبز نيوز) پيرس فيشن ويڪ جي ريمپ تي بالي ووڊ اسٽار ايشوريا راءِ بچن جي جلون ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ ايونٽ جون ڪيتريون ئي وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون. ڀارتي اداڪارا خاص ايونٽ لاءِ خاڪي ۽ سونهري رنگ جو لباس ۽ ڪيپ پهري ۽ لباس جي رنگ جي مناسبت سان هن پنهنجن وارن کي رنگ ڪيو.جڏهن هوءَ جڳ مشهور فيشن ويڪ جي ريمپ تي واڪ لاءِ آئي ته هن جي مخصوص مُرڪ اکين جي اشاري ۽ ناظرين لاءِ  فلاءِ ڪس جي اسٽائل مداحن جون دليون کٽي ورتيون.فيشن ويڪ جي موقعي تي ايشوريا کي ٻين مشهور شوبز شخصيتن ڪينڊل جينر، ايوا لونگوريا، ڪيملا ڪابيلو ۽ ٻين سان گڏ ڏسي سگھجي ٿو. واضح رهي ته ادڪارا تازو ئي مني رتنم جي فلم ”پونين سيلوين 2“ ۾ نظر آئي هئي جيڪا هڪ تاريخي ناول تي ٻڌل آهي.