مخصوص سيٽن جو ڪيس، موجوده تڪرار اليڪشن ڪميشن جي غلطين جي ڪري ٿيو: سپريم ڪورٽ

0
23

سپريم ڪورٽ سمورن صوبن کي 15 جولاءِ تائين موسمياتي تبديلي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڪنهن به ڌر کي اهو چوندي ناهي ٻڌو ته خالي سيٽون رهن، هر ڌر اهو ئي چوي ٿي ته ٻئي کي نه پر مون کي سيٽون ملن، اوهان پوءِ انهيءَ پوائنٽ تي ايڏو وقت ڇو وٺو ٿا ته سيٽون خالي نه ٿيون رهي سگهن

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته موجوده صورتحال بڻجي سگهي ٿي اهو آئين ٺاهيندڙن ڇو نه سوچيو، هي انهن جو ڪم آهي، آئين ۾ ڇا نه آهي اهو ڏسڻ اسان جو ڪم ناهي، بار بار چئي رهيو آهيان ته اسان آڏو موجود آئين جي متن تي رهو

 اٽارني جنرل منصور اعواڻ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جو وڪيل فيصل صديقي چيو هو ته جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل کي سيٽون نه ٿيون ملن ته خالي ڇڏي ڏيو، پارلياماني پارٽي لاءِ ضروري آهي ته هن چونڊن ۾ سيٽون کٽيون هجن

 جسٽس منيب اختر چيو ته پارلياماني نظام جو بنياد سياسي پارٽين تي آهي، سوال اهو آهي ته آزاد اميدوارن جو ايڏو وڏو تعداد ڪٿان آيو؟

جسٽس منيب اختر چيو ته ڇا عوام پاڻ انهن ماڻهن کي آزاد طور چونڊيو؟ ڇا اليڪشن ڪميشن پاڻ انهن ماڻهن کي آزاد قرار نه ڏنو؟ جڏهن ايئن ٿيو آهي ته ڇا عدالت کي اها غلطي درست نه ڪرڻ گهرجي؟ ڇا اهو قانوني آپشن اختيار نه ڪرڻ کپي جيڪو هن غلطي جو ازالو ڪري؟