مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا، 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي

0
175
مورو ويجھو روڊ

ڳڙهي خيرو/ دڙو/بهرام(ن پ ا) واسي نوجوان 25 سالا مير محمد شيخ حيدرآباد کان ايندي کٿڙ اسٽاپ لڳ چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش دڙو شهر پهچايو ويو ته سندس گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، هوڏانهن بهرام هاءِ اسڪول جو اڳوڻو هيڊ ماستر فيض الله ڪلهوڙو به روڊ حادثي فوت ٿي ويو آهي، فيض الله ڪلهوڙو گذريل رات موٽر سائيڪل تي شهدادڪوٽ کان ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙو وڃي رهيو هو ته رستي ۾ گولو واھ ڀرسان ٻن موٽر سائيڪل جي ٽڪرائجڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي وارث لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ٻئي طرف ڳڙهي خيرو ڀرسان جيڪب آباد روڊ تي قمبر واسي ڪٽنب سان حادثو پيش آيو ، ٻن ٻارن ۽ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، موٽر سائيڪل تي قمبر کان جيڪب آباد وڃي رھيو ھو ته الله آباد لاڙي وٽ موٽرسائيڪل جي ٽائر ۾ عورت جو رئو ڦاسڻ ڪري حادثو پيش آيو، حادثي ۾ سعيد چانڊيو، سندس گھرواري شبانا ۽ سندس ٻه ٻارڙا فرحان ۽ ريحان چانڊيو زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال پھچايو جتان عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو آهي.