ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات پئي آهي. ان ڏس ۾ رتوديرو ويجهو تيز برسات دوران ڳوٺ ميهر ٻرڙو ۾ گھر جي آڳر تي ستل ڪٽنب مٿان پلوڙو ڪري پيو، 50 ورهين جو معذور روشن علي ٻرڙو ۽ سندس نوجوان پٽ 18 ورهين جو ظهير احمد ٿڏي تي دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 17 ورهين جي ناري فضيلا ٻرڙو سخت زخمي ٿي پئي. بدين ۾ برسات کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر آغا شاھنواز شھر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري بيٺل پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. انھيءَ موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شهر جي پي اي ايف روڊ تي ٽيليفون کاتي طرفان لڳايل کڏو بند نه ڪرڻ تان ڪاوڙجي ايس ڊي او عمير غوري کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. سوئي گئس، اڪري چودڳي، ميرپور بٺورو، ماتلي، کورواهه، ڪڙيوگهنور مٺي، چيلهار اسلام ڪوٽ ۾ برسات جو سلسلو جاري رهيو سجاول جوڻيجو ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪچا گهر، وڻ ۽ بجلي جا پول ڪري پيا.سکر جي گوليمار واري علائقي ۾ تيز هوائن ۽ برسات سبب گھر جي ڀت ڪرڻ سبب مسمات سڀاڳي، صابل سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هوڏانهن برسات سبب سيپڪو جا 125 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا، سيپڪو عملي اڪثر فيڊرن تي بجلي جي فراھمي بحال ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آھي.پنو عاقل جي ڪچي حسين ٻيلي ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي وئي جنھن جي لاش جي وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاھر ڪڍيو ، فوتي عورت جي جنازي نماز بعد مقامي قبرستان دفنايو ويو .خيرپور ۾ فيض محل جي ديوارن سميت وڻ ۽ بجليءَ جا ٿنڀا ڪِري پيا ، روڊ رستا برساتي پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويا. راڻيپور ڀرسان قومي شاهراهه تي برسات سبب ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجڻ سبب گلناز شاھ، محمد تنوير احمد، ماجد علي، دلنواز سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب ڪوچ پنڊي کان ڪراچي وڃي رهي، حادثو برسات ۽ طوفان سبب پيش آيو، سڳيون ۾ طوفان سان گڏ برسات تباهي مچائي ڇڏي، پورهيت عمران دايو جي گھر جي جڳهه هنڌان هنڌان ڇڄي پئي، عرفان علي ملاح جو هوٽل ڊهي پٽ پئجي ويو، ديدار ڪنڀر جو هوٽل به ڪري پيو،صحافي لا لا اشفاق ڀاڳت جي گهر جي مهاڙي ڪري پئي، گهرن جي ڇتن تي رکيل سولر سسٽم ٽٽي تباهه ٿي ويا، سلطانپور ۾ سوين ايڪڙ ايراضي تي بيٺل وونئڻن جي فصل ۾ پاڻي بيهجي ويو، کجين جي باغن کي به پڻ نقصان پهتو، ميتلا ڳوٺ ۾ شعيب ميتلو جو ڪچو گهر ڪري پيو، تارون ۽ کنڀا (پول) ڪرڻ سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، هنڱورجا ۾پرائمري اسڪول بنگل خان چانگ جي چوديواري ڪري پٽ پئجي وئي، پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ مير لاشاري ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب نينگر اڪبر عرف گڏو فوت ٿي ويو ۽ سندس پيءُ عبدالله ۽ ماءُ سخت زخمي ٿي پيا ، ڳوٺ دريا خان شيخ ۾ مينهل شيخ ۽ ضمير شيخ جا گهر ڪرڻ سبب 6 ٻارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ اميد علي چنا ۾ گهر۾ ستل ٻن نوجوانن عبدالستار۽ گلاب چنا مٿان کجي ڪري پئي، علي بخش، بادشاهه، خان شيخ، بادشاهه جوڻيجو، علي خان جوڻيجو ۽ قيوم سميت 10 کان وڌيڪ آبادگارن جا سولر پلانٽ پڻ تباهه ٿي ويا.عمرڪوٽ جي ڍورو نارو، غلام نبي شاھ، صوفي، ساڍر، فرش موري ڇور سميت ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو، گرمي جو زور ٽٽي ويو. ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀرپاسي مٽيءَ جي طوفان هلڻ کانپوءِ تيز برسات جو وسڪارو، موسم خوشگوار ٿي وئي. برسات سبب ڪپهه ۽ مرچن جي فصلن کي پڻ فائدو پهتو.نواب ولي محمد ۽ ڀرپاسي مٽي جي طوفان کان پوءِ برسات جو وسڪارو، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، خانواهڻ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ تيز طوفان ۽ برسات جي نتيجي ۾ وڻ، ڀتيون ۽ بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا. ڄام صاحب ۾ برسات سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي. برسات سبب گٽر نالا اٿلي پيا، گندو پاڻي شهر ۾ تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو.دوڙ شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفاني هوائن سان گڏ برسات جو وسڪارو، تيز طوفاني هوائن سبب ڪچا گهر، وڻ، دڪانن جا شٽر، سائن بورڊ، سولر پليٽون، کارا ڪري پيا.کاھي ۽ ڀرپاسي غزين آباد، ڀٽ ڀائٽي، رتوڪوٽ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙن سان برسات، موسم خوشگوار ٿي ويو.کپرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن تيز طوفان سان گڏ برسات جو وسڪارو بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو.