ڪراچي  (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر ۽ اي ٽيم جي ڪپتان محمد حارث  چيو آهي ته هن جو ڀارتي ڪرڪيٽر سوريا ڪمار يادو سميت ڪنهن سان ڪو مقابلو ناهي. محمد حارث جي پرستارن طرفان وقت به وقت ڀارتي بيٽر سوريا ڪمار ياديو سان سندس ڀيٽ ڀيٽ ڪئي ويندي آهي ۽ سندس غير روايتي شاٽ سليڪشن جو به هر ڪوئي قائل آهي. ان ڏس ۾ قومي ڪرڪيٽر محمد حارث جو چوڻ آهي ته فلحال اسان ٻنهي ۾ ڪو مقابلو ناهي، سوريا ڪمار جي عمر هن وقت 32، 33 سال آهي ۽ کيس ڀارت لاءِ  عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو تجريو وڌيڪ آهي، جڏهن ته منهنجي عمر اڃا 22 ورهيه آهي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي محمد حارث چيو ته سوريا ڪمار جي معيار تائين پهچڻ ۾ مون کي اڃا وڌيڪ محنت ۽  وقت گهربل آهي. هن چيو ته سوريا ڪمار جو ڪلاس الڳ آهي، اي بي ڊيوليئرز جو پنهنجو معيار هو ، جڏهن ته منهنجي کيڏڻ جو انداز مختلف آهي، مان به 360 ڊگري ڪرڪيٽ طور  پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ چاهيان ٿو.