محرابپور (ن پ ا) محرابپور ۾ شاهي بازار جي دڪاندارن گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي دڪاندارن اقبال شيخ، راشد قريشي ۽ عباس ملڪ چيو ته شاهي بازار ۾ نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گندو پاڻي دڪانن اڳيان بيهڻ روز جو معمول بڻيل آهي، جنهن ڪري ڪاروبار کي ڌڪ رسيو آهي، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ورنائڻ وارو تيار ناهي، هنن واسطيدار عملدارن کان  مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، هوڏانهن ٽائون آفيسر جو چوڻ هو ته صفائي عملي کي هدايتون ڏنيون آهن جلد دڪاندارن جو مسئلو حل ٿي ويندو.