ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران اڄ اعلانيل احتجاجي مارچ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن عامر خان، خواجا اظهار ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اسان اهڙي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. عامر خان چيو ته سنڌ جون قومپرست جماعتون اسان کي ڊيڄاري نه ٿيون سگھن. چيف جسٽس به چئي ڇڏيو ته سنڌ حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، هن سنڌ حڪومت کي مخاطب ٿيندي عامر خان چيو ته جيڪڏهن سنڌ توهان جي ماءُ آهي ته پوءِ ڇا ڪراچي ماٽيلو پيءُ آهي؟ سنڌ سرڪار کي گذريل 13 سالن ۾ 9 هزار ارب مليا اهي ڪٿي آهن؟