ڪراچي(رپورٽ:  شاهد ميراڻي) پيپلز پارٽيءَ ايم ڪيو ايم کي ماضيءَ ۾ جناح پور جا نقشا ٺاهي سنڌ ورهائڻ جي سازش جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو،  جڏهن ته نوازليگ کان سنڌ جي گورنر جي مقرري بابت ايم ڪيو ايم سان ڪيل اندروني معاهدي ۽ پاليسيءَ کي سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان حوالي سان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي ويڇن جا الزام لڳائيندڙ ايم ڪيو ايم  پاڻ سنڌ جي ورهاڱي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته جناح پور جا نقشا ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم وٽان هٿ آيا هئا، ايم ڪيو ايم پاڪستان ماضيءَ جي ايم ڪيو ايم لنڊن جو تسلسل آهي. هن چيو ته اِها ايم ڪيو ايم ئي آهي جنهن ڪراچيء شهر  ۾ ٻهراڙين وارن جو شهري سنڌ تي قبضو نامنظور جا پينافليڪس لڳرايا، جنهن مان سندن نيت ظاهر ٿي رهي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاران شهري سنڌ جي الڳ سيڪريٽريٽ جو مطالبو پڻ سنڌ کي ورهائڻ ۽ فرق پيدا ڪرڻ جو مطالبو آهي جنهن کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪوٽا سسٽم جي خاتمي جون ڳالهيون ڪندڙ ايم ڪيو ايم ماضيءَ ۾ پرويز مشرف، عمران خان ۽ نواز ليگ جي حڪومتن ۾ ڪوٽا سسٽم جي حمايت ڪئي آفتاب شيخ قومي اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم  جو ڊپٽي پارلياماني ليڊر هجڻ وقت ڪوٽا سسٽم جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو هو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم نوازليگ جي وفاقي حڪومت ۾ اتحادي آهي، هنن  نوازليگ  سان ڪوٽا سسٽم جي خاتمي بابت  ڪو معاهدو نه ڪيو آهي، اهڙي صورت ۾ ڪوٽا سسٽم تي ايترو گوڙ ڇو آهي؟ هن چيو ته سنڌ جي نوڪرين تي سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ اردو ڳالهيندڙن سميت سنڌ ۾ رهندڙ سڀني سنڌ واسين جو حق آهي. هن چيو ته ڪراچي سنڌ آهي، ڪنهن جي جاگير ناهي،ِ سنڌ ۾ رهندڙن وچ ۾ ٻهراڙي ۽ شهري جو فرق پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ وارن تي ڀڀڪيون هڻڻ بند ڪيون وڃن. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جو نوازمسلم کان مطالبو آهي ته اها گورنر سنڌ جي مقرريءَ بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڪيل اندروني معاهدي کي سامهون آڻي، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اِهو معاهدو هو ته سنڌ جو گورنر نواز ليگ يا پيپلز پارٽيءَ جو ٿيندو. جيڪڏهن نواز ليگ سنڌ ۾ پنهنجو گورنر مقرر نٿي ڪري ته پوءِ ايم ڪيو ايم کي گورنر شپ ڪهڙي معاهدي تحت ڏني وئي آهي؟ اُهو معاهدو سامهون آندو وڃي. نثار کهڙو چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هاڻي الطاف حسين لاءِ تڙپي رهي آهي انهي لاءِ گوڙ ڪيو پيو وڃي ٻئي طرف سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر نفرت جي سياست وڌائڻ جي ڪوشش ڪري پئي، ايم ڪيو ايم وارن کي جيڪو الطاف سبق ڏنو آهي ان تي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪرائيندا آهن ته اڃا به الطاف جا پيروڪار آهن. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته خالد مقبول صديقي شهيد ڀٽو خلاف گمراهه ڪندڙ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ڪوٽا سسٽم جو آغاز شهيد ڀٽو نه پر لياقت علي خان ڪيو هو، هن چيو ته ڪورنگي ۾ اسان جي ڪينٽونمينٽ بورڊ جي ڪائونسلر کي قتل ڪيو ويوآهي، اسان جلد سندس قاتلن تائين پهچنداسين،  هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ هن شهر ۾ گھڻو ڪجهه ٿيو،  پيپلز پارٽي هن وقت  صوبي جو ماحول بهتري بڻائي ٿي، تڏهن   ايم ڪيو ايم پاران زهر اوڳاڇين ٿا، گذريل حڪومت ۾ خالي پيل جاين تي ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏئي قانوني طريقو اختيار ڪيو ويو، جنهن تي ايم ڪيو ايم عدالت وئي، ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته   نئين ڀرتين  لاءِ ڪاميٽي ٺهي، جنهن ۾ سندن ميمبر پڻ هجن پر قانون ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي، اسان وٽ کاتن جا آفيسر ميرٽ تي ئي ڀرتيون ڪن ٿا، تعليم کاتي ۾ به 60 هزار استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو آهي ، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ڪريل ۽ سستي سياست کي چمڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪري، اهي اسانجي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي خوف ڏيارين ٿا ته کين سنڌي ماريندا، پنجابي ماريندا، پٺاڻ ماريندا،  هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن کان پُڇا ڪريو ته هنن وفاقي حڪومت ۾ رهي ڪراچي وارن کي ڪيتريون نوڪريون ڏنيون؟  هُنن ته سڀ نوڪريون کپايون هيون، ايم ڪيو ايم جا 3 ميئر رهيا پر عوام جي خدمت نه ڪئي وئي، ايم ڪيو ايم وارن جا هاڻ ڌنڌا بند ٿيا آهن ته عزيز آباد جو نالو نٿا کڻن.