مبارڪپور(ن پ ا ) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ٻير جي ڳوٺ جي رهواسي پورهيت شبير مستوئي جي گھر ۾چور داخل ٿيا ته گهرڀاتي اٿي پيا، دانهن تي ڳوٺاڻا پهچڻ تي جهيڙو ٿي پيو، ڪنداق لڳڻ سبب مير حسن مستوئي سخت زخمي ٿي پيو، ڳوٺاڻن هڪ چور ساجد ٻرڙو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. شبير مستوئي جو چوڻ هو ته ٽي چور گھر ۾ گهريا سجاڳ ٿياسين ته چورن اسان مٿان حملو ڪيو بندوڪ جو ڪنداق لڳڻ سبب منهنجو پٽ مير حسن زخمي ٿي پيو رڙيون ڪيون سين ته ڳوٺ وارا پهتا جن ھڪ چور ساجد ٻرڙو کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو . پوليس موجب ڳوٺاڻن چور سوگھو ڪري اسان حوالي ڪري ڇڏيو آهي.