ماڻھو پنهنجي دردن جو درمان ڪٿي ڳولهين؟

0
49
ماڻھو پنهنجي دردن جو درمان ڪٿي ڳولهين؟

 ان ڏينهن صبوح سان ئي ڳوٺ جي اوطاق تي ڳوٺاڻن جي اچ وڃ جاري ھئي. ويٺل ڳوٺاڻن هڪ ٻئي کان ٿي پڇيو ته رئيس ڌڱاڻو خان ڪهڙي وقت ٿو اچي؟ يعني رئيس ڌڱاڻي خان جي اچڻ جو انتظار کين شدت سان ستائڻ لڳو هو. جڏھن اوطاق ماڻھن سان ڀرجي چڪي هئي ته ڦاٽل لوئي ويڙهيل ۽ اگهاڙي پيرن سان وهيون به اچي نڪتو. وهيون جيئن ئي ڪچي اوطاق ۾ ڪوڏر ڪلهي تي رکي پهتو ته هن کي ڳوٺ جي نيڪ مرد چيو ته مون توکي ان ڪري گهرايو ته رئيس ڌڱاڻو خان ووٽن لاءِ اچي ٿو. هو پنهنجي تڪ ۾ قومي اسيمبلي جو اميدوار آھي. توهان هتي هاري ناري جيترا گهڻا هوندا ته ان ۾ پنهنجي عزت آھي. هو جيئن ئي هتي پهچي ته ‘جيئي جيئي’ جي نعرن سان سارو ماحول گونجائي رکجو. وهيون وڏيري جي منهن ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيائين. پويان سندس معصوم نياڻي ‘بابا بابا’ چوندي اچي سندس ڦاٽل لوئيءَ جي پلاند ۾ جهليو ۽ پوءِ منهن ان ۾ لڪائي ڇڏيائين. معصوم نياڻيءَ جو چولو ڪلهي وٽان ڦاٽل هو، وارن ۾ مٽي پيل هئس، هٿن پيرن تي گر ڄميل هئس. وهيون سندس ڌيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو، “ڌيءَ! تون هيڏي سيءَ ۾ ڇو آئي آھين؟”

“بابا مون کي ڏھ روپيا ڏي، مون کي روٽي وٺڻي آھي. ڀلا ٻڌائي رات کان ماني  ڪنهن کاڌي آھي؟ اٽو ڪٿي هو. تنهنجي مزدوري جا پئسا به ته ڪونه مليا”.

معصوم ڇوڪريءَ جي ان ڳالھ چوڻ تي، وهيون آڱر جي اشاري سان کيس خاموش ٿيڻ جو اشارو ڏنو، پر هوءَ سندس پيءَ کي ڏھ روپيا ڏيڻ لاءِ مسلسل کيس ستائيندي رهي ۽ هو نٽائيندو رهيو.

بک باهه جيان هوندي آ، جا ساڙي سارو تن بدن،

ڪنين هت عدن، ڪنهن لاءِ دنيا دوزخ جهڙي.

ٿوري ئي دير اندر رئيس ڌڱاڻو خان وڏين گاڏين سان پهچي ويو. کيس اجرڪون ۽ لونگيون پهرايون ويون، جنهن کان پوءِ هو اٿي بيٺو ۽ فخريا انداز ۾ ڳالهائيندي چوڻ لڳو ته، “مون هر ڏکئي وقت ۾ ماڻھن جي مدد ڪئي آھي ۽ ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏيو آھي. برسات هجي، بيماري يا بک، آئون اوهان ماڻھن سان گڏ بيٺو آھيان. ان جا شاهد اوهان خود آھيو. هاڻي مون کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪجو. منهنجي ڪاميابي اوهان جي ڪاميابي آھي”. تقرير دوران سندس نظر سامهون بيٺل پورهيت وهيون جي ان معصوم نياڻيءَ تي پيئي، جنهن جو چولو ڪلهن وٽان ڦاٽل هو. سندس زرد چهري تي بک جا آثار چٽا نظر اچي رهيا هئا. ان وقت رئيس ڌڱاڻي خان کي سندس ضمير جهنجهوڙڻ لڳو ۽ هو سوچ جي نديءَ ۾ غوطا کائڻ لڳو.

“اهو ڪيڏو نه سچ آھي ته چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ هر اميدوار پنجن سالن تائين پنهنجي جائداد چئوڻي ڪندو آھي، پر هن ديس جا لکين پورهيت پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا ئي رهندا آھن”. ٻيهر تاڙين جي  گونج  گونجي ٿي. هو سامهون تاڙيون وڄائيندڙ ماڻھن ڏانهن ڏسي مرڪي ٿو.

انگ اگهاڙا ٻارڙا، نان لئي آھن نادان،

تڪين پيا مزمان، ڪيئن کائين پيا کاڌا.

سياست واقعي فريب جي هڪ راند آھي، جتي ماڻھن کي ڪوڙ ٻڌائي سچ خريد ڪرڻو پوندو آھي. سياست عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنهن جي معنيٰ آھي ملڪ جو انتظام هلائڻ، سنڀالڻ. سياست جو اصطلاحي مفهوم ٿيندو فن حڪومت. ماڻھن جي اصلاح ڪرڻ ۽ فسادن کان روڪڻ، پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ماڻھن کي پاڻ ۾ ويڙھائي انهن جون همدريون ۽ حاصل ڪرڻ. اسان وٽ سياسي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته هتي سياست ۾  سرمائيداري، جاڳيرداري، آمريت ۽ تعصب پرستي نظر ٿي اچي، جنهن ڪري اسان جي سياست غير يقيني ۽ بي اعتمادي جي سياست بڻجي چڪي آھي. اليڪشن ۾ بيٺل اميدوار ناچ گاني، ڪوڙن واعدن ۽ زوردار نعرن ذريعي ووٽ وٺي اسيمبلين ۾ پهچي ڪرپشن جي بازار گرم ڪن ٿا. اسان وٽ بدقسمتي اها به آھي ته هتي صدين کان موروثي سياست جو راڄ ھلندو ٿو رهي. جيتوڻيڪ ٻين ملڪن ۾ موروثي سياست ضرور آھي پر تمام گهٽ. انهن ملڪن ۾ ھيٺين طبقن مان به ماڻھو چونڊجي اچن ٿا پر اسان وٽ ھڪ اندازي مطابق چار سئو کن جي لڳ ڀڳ اهڙا خاندان موجود آھن، جيڪي هر اليڪشن ۾ پنهنجي خانداني اثر رسوخ سان ڪامياب ٿيندا، اقتدار ۾ حصو پتي وٺندا پنهنجي طاقت وڌائيندا رهندا آھن. هن وقت پاڪستان ۾ جاڳيردارن کانسواءِ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻھن به سياست ۾ جاءِ والاري ورتي آھي ۽ موروثي سياست کي مضبوط ڪيو آھي، جنهن ڪري عوامي ترقي رڪجي ويئي آھي. افسوس اهو به آھي ته اليڪشن ويجهي ايندي ئي گهر گهر ۾ جهيڙو پئجي ويندو آھي. مٽيون مائٽيون ٽُٽي وينديون آھن. ماڻھو پنهنجا تعلقات هڪ ئي ڌڪ سان ٽوڙي پنهنجي پنهنجي اميدوارن وٽ سرخرو ٿيڻ چاهيندا آھن، جيڪا سندن وڏي ڀل هوندي آھي، ڇاڪاڻ ته اميدوار ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان خوش لڳا پيا هوندا آھن ۽ هڪ ٻئي جون دعوتون ڪندا آھن پر غريب ماڻھن ۾ نفرتون ھر دور ۾ نئين سر پيون جنم وٺنديون آھن.

ڌڱاڻو خان اٿي بيٺو ته اوطاق ۾ ويٺل ماڻھو به سڀ اٿي بيٺا. ھن موڪلاڻي واري انداز سان سندس هٿ ماڻھن سامهون ڪيا ۽ گاڏين ڏانهن هلڻ لڳو. ماڻھو به سندس پٺيان هلڻ لڳا. هو گاڏين ۾ چڙھي ويٺا ۽ گاڏيون ڪچي پٽڙي تان ڌوڙ اڏائينديون ڊوڙڻ لڳيون. وهيون جي  معصوم ڌيءَ پليٽن ۾ بچيل بسڪوٽن ڏانهن لوه ڪئي پر ان کان اڳ موجود  ماڻھن بچيل بسڪوٽ کڻي ورتا ۽ کائڻ لڳا ۽ معصوم نينگري کين ڏسندي ئي رهجي ويئي.