ماڻهن جي تذليل نه مدد ڪيو !!!

0
126
وحشي ۽ دردناڪ بڻجي ويل سماج

 اڄ ڪلھه سوشل ميڊيا جي تيز ترين دور ۾ ڪا به ڳالھه لڪي نٿي سگهي، بس ھر ننڍي وڏي ڳالهه سرڪاري غيرسرڪاري قانوني غيرقانوني مطلب ته ھر قسم جي تصوير ويڊيو پوسٽ جلد کان جلد سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويندي آهي، ان جي مقابلي ۾ گذريل ھڪ مھيني کان سنڌ ۾ تيز برساتن سبب ھزارين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ته وري لکين ماڻهو بيروزگار بدحال ٿيڻ لڳا آھن. مطلب ته ھر طرف بک بيروزگاري بدحالي ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اھڙي صورتحال ۾ سرندي وارا اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو يا سرڪاري ماڻهن جي طرفان انهن بيروزگار ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪئي پئي وڃي، جنهن جي مدد ڪرڻ واري طريقي تي ڏاڍو افسوس ٿي رهيو آهي ته اسان جو معاشرو ايترو ته بي رحم ۽ نڌڻڪو ٿيڻ لڳو آهي ته ڪو ماڻهو ڪنهن غريب کي پليٽ چانورن جي ڏئي رهيو آهي ته ٻيا پنج ماڻهو ھڪڙي پليٽ چانورن کي جھلي بيھي تصوير ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري رهيا آهن. يا وري ڪنهن غريب مسڪين عورت کي راشن جو ڪٽو ڏئي انهن جي تصوير ڪڍي بي سھارا ماڻهن جي تذليل ڪئي ٿي وڃي جيڪي ڪنهن وڏي مجبوري جي ڪري خاموش ھوندا آهن نه ته اھڙو راشن وٺڻ کان انڪار ڪري سگهن ٿا.

افسوس ته معاشري جي انهن سفيد پوش ماڻهن تي آهي جيڪي ٿوري ٿوري سامان ڏيڻ تي غريب مسڪينن جي مدد ڪرڻ بجاءِ تذليل ٿا ڪن. تصوير ڪڍي غريبن جي امداد ڪرڻ ۾ صرف عام ماڻهو نه پر وقت جي حڪمرانن وزير مشير آفيسر طبقي سميت  يوسي چيئرمين ڪائونسلر تائين اھا روايت ھلي رهي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي امداد ڪرڻي آهي ته تصوير ڪڍي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻي آهي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ تصوير نه ڪڍرائي ته امداد قبول نه ٿي سو ائين نه آهي ھڪ اھو وقت ھو جو سرندي وارا ڪنهن جي مدد ڪندا ھئا ته ٻئي ڪنهن کي خبر نه پوندي ھئي پر ھاڻي ته ٿوري گهڻي راشن جي مدد ڪري تصويرون ڪڍي ڏيڻ کان سواءِ امداد ڏيڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. حقيقت به اھا آهي ته ڪنهن جي مدد ڪيو ته ھڪ ھٿ سان ڏيو ته ٻئي ھٿ کي خبر نه پوي، پر سوشل ميڊيا تي ھڪ تصوير نظر کان گذري ته ھڪ ڪائونسلر پاءُ برياني جو ڪنهن غريب عورت کي ڏيڻ مھل تصوير ڪڍي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿو ڪري جيڪو ھڪ انسان جي مدد نه پر توھين جي زمري ۾ ٿو اچي اڄ ڪلھه سنڌ ۾ تمام گھڻي مشڪل صورتحال آهي پر افسوس ته ڪجھه سفيدپوش يا وائٽ ڪالر ماڻهن جو اھو ڌنڌو ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن غريبن جي مدد ڪرڻي آهي، ته تصوير ڪڍي سوشل ميڊيا تي اپلوڊنگ ڪرڻي آهي، جتي ڀلي لکين ماڻهن اڳيان ھڪ عزتدار خاندان جي عورتن جي تذليل ٿئي ته ڀلي ٿئي جيڪڏهن توهان کي امداد دوران تصوير ڪڍڻي آهي، ته ڀلي ڪڍو پر انھن تصويرن کي سوشل ميڊيا تي رکڻ مان ڪھڙو فائدو؟ جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي رکڻ جو ايترو شوق آهي ته پوءِ ڀلا مدد وٺڻ وارن جي چھرن کي ظاھر ڪرڻ جو ڇا مقصد آهي، ان جي مدد ڪرڻ يا تذليل ڪرڻ؟؟ موجوده حالتن ۾ غريبن جي ٿيندڙ مدد تي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان جي معاشري ۾ امداد جي نالي تي غريب بي سھارا ماڻهن جي تذليل ڇو ٿي رهي آهي ڇا واقعي ھن روشن خيال معاشري ۾ امداد ان جو نالو آهي جنهن ۾ غيرت مند مردن سان گڏ مظلوم عورتن جي تذليل ڪئي وڃي؟ خدارا امداد جي نالي تي ماڻهن جي تذليل ڪرڻ بند ڪيو. جيڪڏهن سيلفي يان تصوير ڪڍي اپلوڊ ڪرڻ جو ايترو شوق آهي ته پوءِ وٺڻ واري جي تصوير سوشل ميڊيا تي اپلوڊ نه ڪيو.

 ڪي تصويرون اھڙيون ھجن ٿيون جيڪي خيد سبق ڏينديون آهن ته اسان کي امداد نه پر عزت کپي. ڪن ماڻھن کي اھو چوندي ضرور ٻڌو آهي ته مدد ڪيو پر تصوير نه ڪڍو، نه ته توهان جي مدد جي ڪا ضرورت نه آهي. اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ ٻاهر ملڪن ۾ امداد تقسيم ڪرڻ جو طريقو مختلف پر بھترين آهي. جيڪي ڪنهن خاص مقام تي ضرورت جي مطابق راشن رکي ويندا جنهن کي ضرورت ھوندي اھو پاڻ کڻي ويندو. ان مان خبر ٿي پوي ته نه ڏيڻ واري کي خبر پوي ته ڪير غريب کڻي ويو نه وري کڻڻ واري کي خبر پئي ته ڪير ڏئي ويو حقيقت ۾ امداد ڪرڻي آهي ته ان طريقي کان بھتر ۽ ڀلو طريقو ٻيو ڪو نٿو ٿي سگهي. انهي جي لاءِ اسان جي معاشري ۾ پڙھيل لکيل جاھل ماڻهن کي سبق سکڻ گھرجي ته امداد ڪرڻي آهي بس ائين ڪرڻي آهي جو ھڪ ھٿ سان ڏجي ته ٻئي ھٿ کي خبر نه پوي. باقي اڄ ڪلھه سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ماڻھن جي مدد ڪيو تذليل نه ڪيو ته بھتر آھي.

[email protected]