ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل مائرا خان پنهنجي مڙس جي ٻن شادين کان بي خبر رهي. سندس چوڻ آهي ته هن ننڍي عمر ۾ شادي ڪئي هئي، شادي کانپوءِ کيس خبر پئي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي ٽين زال هئي. اداڪارا مائرا خان جي هڪ مختصر ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي شادي جي ڳالهه ڪري رهي آهي. اداڪارا جو چوڻ آهي ته منهنجو دوست مون کي سالگرهه جي پارٽيءَ ۾ وٺي ويو، جتي مون پنهنجي مڙس سان ملاقات ڪئي ۽ فون نمبرن جي مٽا سٽا ڪئي. مائره خان جو چوڻ آهي ته مون کي اها به خبر نه هئي ته ڇا ٿيو ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ منهنجي شادي ٿي وئي. شاديءَ کان پوءِ جڏهن مان پنهنجي مڙس جي گهر ويس ته خبر پئي ته مان سندس ٽين زال آهيان. مائرا خان جو چوڻ هو ته منهنجي مڙس شادي کان اڳ مون کي اهو نه ٻڌايو هو ته هو شادي شده آهي ۽ کيس ٻه زالون آهن. اداڪارا جو چوڻ آهي ته ان وقت منهنجي عمر 15 کان 16 سال هئي، منهنجا ساهرا هيٺ ۽ مان مٿي رهندي هيس، منهنجي ماءُ به مون سان گڏ رهندي هئي، مان انهن 7 ​​کان 8 سالن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس. فلم ”دادل“ ۾ بلقيس بلوچ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره مائره خان چيو ته جهيڙو ٿيو ۽ منهنجي ماءُ کي ڌڪا ڏنا ويا جنهن کانپوءِ مون سوچيو ته هاڻي هتي نه رهنديس. مائره خان جو چوڻ هو ته مون پنهنجي ماءُ کي چيو ته اهڙيءَ طرح تون سڄي زندگي لٺيون کائيندي رهندين، هتان هلون ٿا، پوءِ هڪ رات اسان اهو گهر ڇڏي ڏنو .