مايوسي عوام دشمن قوتن جو ھٿيار آھي

0
14
مايوسي عوام دشمن قوتن جو ھٿيار آھي

عرب نياڻين کي ڄمڻ سان جيئرو پوري ماريندا ھئا. سنڌ ۾ ايئن نہ ٿو ٿئي. ھتي نياڻين کي تاتي پالي وڏو ڪري پوءِ ماريو وڃي ٿو. ھتي شادي ڪرڻ ڏوھ آھي. ميثم راڄپر شادي ڪئي تہ سندس ڀاء، معصوم ڀائٽي ۽ ھڪ ٻئي مائٽ کي قتل ڪيو ويو. ڪنھن کي  مارجي، ان لاء ضروري ناھي تہ اھو ڏوھ ڪري. 13 ورھئي زين العابدين ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو! ان جھڙا ڪيترائي معصوم اغوا ڪري انھن سان ريپ ڪري کين قتل ڪيو ويو. ھن بي حسيء جي عالم ۾ انيلا، احمد رضا جوکيو، علي حسن بوبڪ، پري ڊومڪي، جاويد ڀٽو، دعا سولنگي، ڏيوو ڪولھي، رابيل انصاري، زاھد تيوڻو، سراج اوڍاڻو، سڪندر شاھاڻي، صوبدار سامٽيو، سعيده سومرو، شوڪت ملاح، شوڪت رند، شريف لاشاري، فردوس ڀنگوار، فاطمہ، قدير ۽ ضمير ناپر، نصرالله گڏاڻي، نور حيدر چنو، نثار جسڪاڻي ۽ ياسمين ھڪڙو قتل جا سنگين واقعا ٿي ٿا وڃن. گذريل ڇھن مھينن ۾ قتلن جا اھي چند مثال آھن، جن جا تفصيل ڏجن تہ جگر ڏري پئي. قتلن جا ڀيا بہ ڪيترائي ڪيس آھن، جن مان ڪن کي آپگھات چيو ويو، ڪن کي حادثو. ڪن ماڻھن کي وھانءَ جي خوشيء ۾ فائرنگ ڪري ان بھاني قتل ڪيو ويو. اھا فائرنگ وحشي پڻو آھي پر ان کي روڪڻ جي ڪابہ سبيل ناھي. جھالت پاڙون ھڻي وئي آھي.

چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

اھو سڀ ڪجھ ٿئي ٿو پر حڪومت جو ڪو ڏس پتو ناھي، نہ ڪا منصفيءَ جي خبر، نہ واھر، نہ وسيلو.

2022ع جي برساتي آفات کان اڳ ٻڌايو ويو ھو تہ سنڌ ۾ 75 سيڪڙو آبادي غربت جي سطح کان بہ ھيٺ گذاري ٿي. پر پوءِ جڏھن وڏي تباھي سنڌ جو مقدر بڻي تہ پوءِ ھتي 70 سيڪڙو آباديءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناھي، 80 سيڪڙو آبادي خوراڪ جي نھايت تنگيء جو شڪار آھي. ھزارين ماڻھو رات جو پيٽ بکيا سمھن ٿا، ھزارين ماڻھو مزدوريءَ لاءِ بنا نيرن جي وڃن ٿا. نفسا نفسيءَ جو اھو عالم ته ڀاءُ ڀاءَ جو دشمن ٿئي ٿو. ڪس تہ ذري جي بہ کائڻ وارو صبر ناھي. ٻہ ڀائر ٽيون ليکو پر اھڙا ڪيئي واقعا ٿين ٿا جن ۾ ڪو ڀاءُ معمولي ڳالھ تان وڙھي ڀاءَ کي ماري ٿو ڇڏي. ھزارين سال پراڻا اھڙا لاڙا بہ آھن جو ھڪ برادريءَ جي ڪنھن شخص جي قتل جو بدلو ٻي برادريءَ جي ڪنھن بہ شخص کي قتل ڪري وٺجي. ذاتين ۽  گروھن جا جھيڙا جنھن ڏينھن ناھن، ان ڏينھن جرڳن جون خبرون رت ساڙين ٿيون. ھاڻي تہ سنڌ سطح تي سرداري جرگي جو بہ فرمان اچي ويو آھي. ڪيترن ئي ماڻھن  موجب سنڌ کي سازش ھيٺ بدامنيءَ جي ور چاڙھيو ويو آھي.

سازش ھجي يا ڪو معمول، چوري ھجي يا سينہ زوري، ھاڻي ڪجھ حد کان وڌيڪ ٿي وئي آھي. ماڻھن جي صلاحيتن کي خوف ۽ دھشت، مونجھارا ۽ مايوسيون کائي رھيون آھن. غربت ۽ بيروزگاريء جو اھو عالم آھي جو ان سبب آپگھات روز جو معمول ٿي ويا آھن. ڪو ڏينھن نہ ٿو گذري جو مالي تنگيءَ سبب ڪو شخص خودڪشي نہ ڪندو ھجي. احسان خاصخيلي، بچل ڪيريو، جاويد سولنگي، جمون ڪولھي، حوا لغاري، راڻو ٺڪر، رمضان خاصخيلي، سارا شر، صدورو جمالي، گنگا ڀيل، مکڻو ميگھواڙ، مٺيءَ جي ماءُ، منور شام،  ناصر ملڪ، نثار انصاري، وڪرم ڪولھي، وسيم دستي … ڪيترا ڳڻائجن.

حڪمران آھن جو عوام  جي پيسي کي اڏائڻ، عياشي ۽ ڪرسي بچائڻ کي ڇڏي ڪري کين ڪابہ چنتا ناھي. پردي پويان ويھي ڏاڍ جي زور تي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ، مثال طور عوام جي حق جون زمينون ناحق وٺڻ، عوام جي وڌ کان وڌ دولت تي ڌاڙو ھڻڻ وارا ئي رڳو موج ۾ آھن. حسين بخش ناريجو چئي ٿو تہ سنڌ جاڳيل ناھي. ھن سان ٿيل حال احوال مان خبر پئي تہ ھن جو خيال آھي تہ پ پ جي حڪومت، سرڪاري نوڪرين، انڪم سپورٽ وغيره سبب ھتان جا ماڻھو نشي ۾ آھن، مزاحمت ٺپ ٿي وئي آھي. ھڪ ترقي پسند سان گفتگو ٿي. کانئس پڇيوسين تہ عام ماڻھن جو متحرڪ نہ ھجڻ پنھنجي ھنڌ پر ڪامريڊن کي ڇا ٿي ويو آھي!؟ ھن چيو تہ ڪامريڊن جا گوڏا مم چٽي وئي آھي، ويھي رھيا آھن.  اھي ھڪٻئي سان رابطي ۾ ناھن. ھڪ حد تائين مايوسيءَ جو ماحول موجود آھي. پر مايوسي عوام دشمن قوتن جو  ھٿيار آھي.