مانجھند ۾ ناميارو سگھڙ ۽ لطيف جو پارکو فيضو کماڻ بيمار ٿي پيو

0
384

مانجھند (ن پ ا) مانجھند جي علائقي ڀٺي جو رھواسي پنھنجي دور جو ھڪ بي مثال سگھڙ ۽ لطيف جو پارکو صوفي منش انسان استاد فيضو کماڻ ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماريءَ سان جھيڙي رھيو آھي. ھن جا چار پٽ آھن، جيڪي غربت سبب ڀاتين لاء ٻن وقتن جي ماني ۽ والد جي دوائن جا پيسا گڏ ڪرڻ لاء مشڪلاتن جو شڪار آهن، استاد فيضو کماڻ ھميشه پنھنجي علائقي جي نوجوانن کي لطيف جا بيت ٻڌائي امن پيار محبت ٻڌي ۽ سنڌ سان عشق جو درس ڏنو. بيماري سبب بستري تي به ھو لطيف جي شاعري پڙھي ڪنھن فرشتي نما انسان جي مدد جو انتظار ڪري رهيو آهي. استاف فيضو کماڻ وس وارن کان ۽ خاص ڪري ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي آهي ته علاج ۾ مدد ڪئي وڃي جيئن ھو جلد صحتياب ٿي پنھنجي ٻچن جي زندگي ۾ خوشحالي آڻي سگھي.