مانجھند (ن پ ا) مانجھند ڀرسان علي آباد وٽ انڊس ھاءِ وي تي اڻڄاتل ھٿيارن بندن جيپ ۾ سوار پنھل عرف پنھون ماڇي ۽ سندس ڊرائيور پپو خاصخيلي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻنھي ڄڻن جا لاش ھڪ ڪلاڪ تائين انڊس ھاءِ وي تي جيپ ۾ پيل رھيا، فائرنگ بعد علي آباد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، کاڻوٺ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ مانجھند اسپتال منتقل ڪيا، ذريعن موجب انڙپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ھلندڙ ماڇي ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان ٻنھي ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، ٻنھي ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان پنج ڄڻا قتل ٿي چڪا، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو