مانجھند: اکين جي اسپتال بي لاڀ بڻيل، عمارت جانورن ۽ موالين حوالي

0
185
مانجھند: اکين جي اسپتال بي لاڀ بڻيل، عمارت جانورن ۽ موالين حوالي
مانجھند: اکين جي اسپتال بي لاڀ بڻيل، عمارت جانورن ۽ موالين حوالي

مانجھند (ن پ ا) تعلقا اسپتال مانجھند ڀرسان اکين جي اسپتال گذريل ڪيترن ئي سالن کان عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، جڏهن ته بلڊنگ جانورن ۽ موالين جي حوالي ٿيل آهي

گذريل ڪيترن ئي سالن کان اکين جي اسپتال جو ڪم ٺيڪيدار مبينا ڪرپشن ڪري ڪاغذي ڪاروائي تحت مڪمل ڄاڻائي فرار ٿي ويو

مانجھند جي رھواسين نظر رونجھو، بابل لطيف کوسو، اڪبر کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته تعلقه اسپتال جي ڀرسان اکين جي اسپتال جي بلڊنگ ٺيڪيدارن جي ڪرپشن جي ڪري مڪمل نه ٿي سگھي، جنھن ڪري بلڊنگ موالين ۽ جانورن جي رھائشگاھ بڻجي چڪي آھي

جڏھن ته اکين جي اسپتال ڪاغذي ڪاروائي تحت مڪمل ڄاڻائي ڪيترن ئي سالن کان اسپتال جي لاءِ ايندڙ بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙھيو وڃي

رھواسين ڊي جي ھيلٿ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اکين جي اسپتال جي بلڊنگ جي ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري اکين جي اسپتال کي تعلقه اسپتال مانجھند جي ھينڊ اوور ڪري عوام لاءِ سھولت ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ تعلقي جي عوام دربدر ٿيڻ کان بچي سگھي