ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي مانجهند جي  گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال  نثار احمد  ڪلهوڙو، 3 ايسوسيئيٽ پروفيسر سڪندر علي شاهه. عبدالنبي پيرزادو ۽ محمد وسيم   مقرر ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ شاهه  لطيف علمي ۽ ادبي فورم جي اڳواڻن شفيع ملاح،  اميربخش لاکو،  انجنيئر هاشم ملاح، حق نواز مڱڻھار، مختيار لاشاري، رفيق ملاح، جاويد شيخ،  دريا خان برهماڻي چيو آهي ته استادن جي مقرري بعد  ڊگري ڪاليج  فعال ڪرادار ادا ڪندو