لاهور(م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز برسات کانپوءِ لاهور جي مختلف علائقن جو دوري تي هئي ته هڪ شهري سندس گاڏي اڳيان اچي ويو، شهري مريم نواز کي مخاطب ٿيندي چيو ته ماري ڇڏيو، پوئتي نه هٽندس، جنهن تي وزيراعليٰ ان شخص کي پاڻ وٽ سڏائي ان جو مسئلو ٻڌو، مريم نواز سندس مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوءِ هو گاڏي جي اڳيان هٽي ويو، لاهور ۾ شديد برساتن کان پوءِ ڪيئي علائقا بارش جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. مريم نواز هوائي اڏي کان شادمان، فيروزپور روڊ، ڊيوس روڊ، شملا پهاڙي جي علائقن، اندروني ۽ ٻاهرين شهر جي روڊن ۽ گهٽين جو ذاتي مشاهدو ڪيو، ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، وزيراعليٰ برساتي پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ تڪڙا حڪم پڻ جاري ڪيا.