مادري ٻولين جي اھميت ۽ سنڌي ٻولي جو مستقبل

0
425
مادري ٻولين جي اھميت ۽ سنڌي ٻولي جو مستقبل

 مادري ٻوليون ڪنهن علائقي جي سڃاڻپ۽ قومي وجوديت جو اهڃاڻ هونديون آهن. دنيا جو هر ماڻهو پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي سان پيارڪري ٿو ڇاڪاڻ جو اها ٻولي ان علائقي جي اصل سڃاڻپ هوندي آهي. پنهنجي ڌرتي جي ٻولي سان پيار ڪرڻ فطري عمل پڻ آهي.خوشنصيب آهن دنيا جا اهي ماڻهو جن کي پنهنجي ڌرتي آهي ۽ پنهنجي ٻولي آهي.دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجيون پنهنجيون علائقاتي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.اھي ٻوليون ان علائقي جون مادري ٻوليون ليکيون وڃن ٿيون.دنيا جي مخلتف علائقن ۾ مختلف ڳالهايون ويندڙ علائقاتي ٻولين کي جائز مقام پڻ مليل آهي ۽ مختلف ملڪن ۾ هڪ  کان وڌيڪ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو پڻ مليل آهي.مثال طور اسان جي پاڙيسري ملڪ جي مختلف رياستن ۽ علائقن ۾ لڳ ڀڳ 800 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون انهن مان سنڌي سميت 22 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو مليل آهي.

 اسان وٽ وري ستم ظريفي اها رهي آهي جو ملڪي سطح تي ٻولين واري مسئلي تي تمام گھٽ ڌيان ڏنو ويو. اُهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ سنڌي، پنجابي، سرائيڪي ۽ پختون جي مادري ٻولين کي هيل تائين قومي ٻولي جو درجو نه ملي سگهيو آهي.گذريل ڪيترن ئي حڪومتن ۾ قومي اسيمبلي سان لاڳاپيل ميمبرن، مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ٻولي وارو بل“قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي” وٽ جمع ڪرايو هو پر قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي انهي بل کي(آئين سان ٽڪراءَ) جو سبب ڄاڻائي ھميشه رد ڪندي رھي آهي.  مختلف وقتن تي ٻولي واري بل کي رد ڪرڻ جو اهو پڻ سبب ڄاڻايو ويندو آهي ته جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو مليو ته ملڪ ۾ مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ٿيندا.ملڪ ۾رهندڙ قومن جي ٻولين مان ڪنهن به قوم جي مادري ٻولي،قومي مقام حاصل نه ڪري سگهي ته اها قومن جي وڏي بدقسمتي چئي سگهجي ٿي.

موجوده حالتون جنهن طرف وڃي رهيون آهن انهي حوالي سان مستقبل کي سامهون رکي اسان کي هاڻي ٻين مادري ٻولين سميت  پنهنجي ٻولي (سنڌي )جو به اونو ھئڻ گھرجي. موجوده حالتن جي پس منظر ۾ هاڻي اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته سنڌي ٻولي جي صورتحال هن وقت ڪهڙي موڙ تي بيٺل آهي؟ جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اسان جي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ آبياري لاءِ جوڙيل سرڪاري ادارا هن وقت تائين ڪيترو ڪم ڪري سگهيا آهن؟ سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ڏيارڻ توڙي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اسان جي اديبن شاعرن، ليکڪن ۽ ساڃاهه وند ڌرين هن وقت تائين ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ٻولي واري معاملي تي ادبي تنظمين جو ڪارج ڪهڙو رهيو آهي؟ هي اهڙا سوال آهن جن جا جواب تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ورهاڱي کان اڳ انگريزن جي دور ۾ سنڌ ٻولي کي دفتري ٻولي بڻايو ويو هو پر پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ پاڪستاني رياست  ٻين مادري ٻولين وانگر سنڌي ٻولي سان به ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکيو ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي ڌارا۾ شامل نه ٿي سگهي، جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ اديبن، شاعرن ۽ قلمڪارن پاران ون يونٽ واري دور کان وٺي ھڪ جدوجهد جاري آهي.ون يونٽ خلاف ٻولي جي بنياد تي رڳو بنگالين نه پر سنڌين پڻ جدوجهد ڪئي هئي ۽ انهي وقت ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن سنڌي ادبي سنگت جي مُک پليٽ فارم تان، سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ڏيارڻ لاءِ  جيڪاجدوجهد ڪئي هُئي اها جدوجهد  هن وقت به جاري آهي،جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو ته ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏني ويئي۽ انهي عمل خلاف سنڌي ادبي سنگت ڀرپور مزاحمت ڪئي هُئي، انهي دور ۾ ابراهيم جويو، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، اختر بلوچ،احسان بدوي۽ٻين سنڌي ٻولي واري تحريڪ کي متحرڪ ڪيو.

ٻولي واري تحريڪ دوران شيخ اياز، رشيد ڀٽي،اختر بلوچ ۽ ٻيا جيل۾پڻ ويا ھئا. 1972ع ۾ سنڌي ٻولي جو بل آندو ويو هو پر انهي تي بعد ۾ عمل نه ڪيو ويو، مختلف وقتن تي سنڌ جي اديبن، شاعرن ٻُولي واري معاملي تي جدوجهد کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنو. سنڌي ٻولي کي قومي حيثيت ڏيارڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي انهي جدوجهد ٻولي واري معاملي کي قومي اشو جي ڌارا ۾ شامل ڪيو. هتي هڪ اهم ڳالهه اها پڻ آهي ته دنيا اندر صرف انهن قومن ترقي جون منزلون طئه ڪيون آهن.جن مادري ٻولين جو پاند نه ڇڏيو آهي. سڄي دنيا انهي ڳالهه کي تسليم ڪري چُڪي آهي ته ابتدائي تعليم ٻار کي مادري زبان ۾ ڏني وڃي.ڪنهن دانشور جو به چوڻ آهي ته ٻار کي ان ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي جنهن ۾ هو سوچي ٿو.ٻار جو بنيادي حق مادري ٻولي ۾ ابتدائي تعليم ڏيڻ ۾ آهي. ٻار کي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ سان هو انهي کي وڌيڪ سکي ۽ سمجهي سگهي ٿو ۽ انهي تي عمل ڪري سگهي ٿو. ٻار جو ذهن مادري ٻولي ڏانهن وڌيڪ پختو ٿئي ٿو. جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ مادري ٻوليون پنهنجي سگھاري اھميت جون حامل آهن پر اسان وٽ هتي مادري ٻولي جي اهميت کي نٿو سمجهيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ  سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ٻارن کي مادري ٻولي ۾ تعليم نٿي ڏني وڃي.

اسان جي مادري ٻولي سنڌي آهي پر اسان جا سنڌي سرمائيدار ۽ وڏن شهرن ۾ رهندڙ امير ماڻهو پنهنجي ٻارن کي بنيادي تعليم انگريزي زبان ۾ ڏيارڻ کي پسند ڪن ٿا. نتيجو اهو نڪتو آهي جو اسان جو اڀرندڙ سنڌي نسل پنهنجي اصلوڪي نج سنڌي ٻولي کان اڻ واقف ٿيندو پيو وڃي. اها پڻ حقيقت آهي ته سنڌ ۾ سياسي متڀيد، لساني بنياد پرستي ۽ ڌارين جي يلغار سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن. جنهن جو واضح مثال هي آهي جو ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي پرائيويٽ توڙي ڪجهه سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي جو مضمون بلڪل نٿو پڙهايو وڃي. پر انهن ادارن ۾ سرڪار جا حڪم پڻ نٿا هلن. بنيادي سوال هي آهي ته گذريل ڪيترن ئي سالن دوران سنڌ ٻولي پڙهائڻ بابت سنڌ سرڪار جي پاليسي جي اُبتڙ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن جي خانگي اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ سنڌ سرڪار جي تعليمي قاعدن جي جيڪا ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي ۽ سنڌي ٻولي سان جيڪو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکيو ويو آهي ڇاسنڌ سرڪار انهن سمورن معامرن جو ازالو ڪري سگهندي؟ جڏهن اسان سمجهون ٿا اسان جوقومي وجود سنڌي ٻولي سان سلهاڙيل آهي ته پوءِ اسان جي سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِجاکوڙ ڪرڻ گهرجي.

ٻوليون قومن جي وجود جو تسلسل پڻ هونديون آهن انهي ڪري ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي مادري ٻولي کي قومي درجو ڏيارڻ لاءِ سگهاري جدوجهد ڪيون. سنڌي ٻولي کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ ۽ ان جي ترقي لاءِ اسان سڀني ڌرين کي اڳتي اچڻو پوندو. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هو  1972ع جي ٻولي بل تي عمل ڪري۽ 1972ع جي ٻولي واري بل جي روح موجب سنڌ جي خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي پڙهائڻ واري ايڪٽ تي عمل ڪيو وڃي. ٻولي واري معاملي تي سنڌ جي سمورن سياسي، سماجي جماعتن جي اڳواڻن، ساڃاهه وند ڌرين، شاگردن، اديبن، دانشورن کي هم آواز ٿي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي درجو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو موقف چٽي نموني پيش ڪرڻو پوندو.

آخري لفظ :مادري ٻولين وارو مسئلو هڪ قومي معاملو آهي انهي ڪري اقتدار جي منصب تي ويٺل جمهوري حڪومتن کي ٻولين واري مسئلي کي علمي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان گهڻ قومن جو مُلڪ آهي انهي ڪري جمهوري حڪومتن ۾ مادري ٻولين کي جائز مقام ملڻ گهرجي. هن جمهوري حڪومت ۾ هن  وقت هي سوال غور طلب آهي ته ڇا جمهوري حڪومتن ۾ سنڌي سميت ٻين مادري ٻولين کي قومي حيثيت ملي سگهندي؟