ماتلي (ن پ ا)  ماتلي جي ظھير ڪالوني ۾ صحافي ياسر گھانگلهو کي يرغمال بڻائي تشدد ۽ ڦر ڪندڙن جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافين سڪندر لاشاري،اسلم قائمخاني، بابر چانگ، عبدالرزاق پنھنور نياز خاصخيلي، علي ذالقرنين ملاح  ۽ ٻين چيو ته صحافي ياسر گھانگهلي تي حملي تشدد ۽ ڦر جا جوابدار پوليس گرفتار نه ڪيا آھن، جنھن جي ڪري صحافي برادري ۾ تاءَ پکڙيل آھي ۽ پوليس جو ڪردار مشڪوڪ ٿي ويو آھي ۽ پوليس جوابدارن کي گرفتار لاءِ رڳو ڏٽا ڏيئي رھي آھي ماتلي شھر بدامني جي ور چڙھي ويو آھي، شھري توڙي صحافي اھڙي واقعي کان پوء ِپاڻ غير محفوظ سمجھي رھيا آھن، ماتلي صحافين جوابدارن جي گرفتاري جي گھر ڪندي ٻن ڏينھن جو الٽيميٽم ڏنو آھي جوابدار گرفتار نه ٿيا پوري ضلعي ۾ احتجاج جو دائيرو وڌايو ويندو.