بدين (رپورٽر) ماتلي جي ڳوٺ خيرو بوزدار ڦلڪاره جي رھواسڻ عزيزان بوزدار پنھنجي ناٺي گلزار علي ۽ ٻن معصوم ٻارڙن بلاول ۽ علي رضا سان گڏ ايوان صحافت بدين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته 40سال اڳ ماستر يار محمد بوزدار سان شادي ٿي ھئي، اولاد نه آهي، ھڪ نياڻي ۽ ھڪ ڇوڪرو  بلاول 8 سالن کان نپائي رھي آھيان، هن الزام هنيو ته مڙس ماستر يار محمد روزانو تشدد ڪري ٿو ته بلاول کي گھران ڪڍ ٻئي صورت ۾ طلاق ڏيندس، ھن چيو ته مڙس پگھار مان گھر جي خرچ لاءِ ھڪ رپيو به نه ٿو ڏي، رٽائر ٿيڻ بعد پينشن مان به ڪجهه نه ڏيندس، 18ايڪڙ زمين به پنھنجي ڀائيٽن کي ڏيڻ چاھي ٿو، هن مطالبو ڪيو ته مڙس جي پگھار مان گھر جو خرچ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ پاڻ مٿان پيٽرول ھاري پاڻ ساڙينديس.