ڪڙيو گھنور (ن پ ا) ڪجھه ھفتا اڳ ڪڙيو گهنور جي وارڊ نمبر 3 جي رهواسڻ ھندو ناري رينا ميگھواڙ قاسم عرف قاسو خاصخيلي سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن بعد ناري جي وارثن پاران اغوا ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو، ان حوالي سان پسند جي شادي ڪندڙ ناري جي ويڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ناري گھر جي ڇت تي چڙھي رڙيون ڪري رهي آهي آءُ پنهنجي ماءُ پيءُ ڏيڻ وڃڻ چاهيان ٿي، جڏهن ته اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار مامري جو نوٽيس وٺي ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل محمد شريف کوسو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري جاچ جو حڪم ڏنو، ٻي طرف ناري وارثن ڪامريڊ ھميرو مل ٻڌايو ته قاسم خاصخيلي وارن جو گھر اسان جي گھر جي ويجھو آھي، هن ٻڌايو ته قاسم وارا اسان جي نياڻي کي ونواهه مان اغوا ڪري ويا هئا، جنهن بعد ٿاڻي تي اغوا ڪيس به داخل ڪرايو، ھن چيو ته اسان جي نياڻي تي تشدد ڪيو ويندو آهي، جنهن تان تنگ جي نياڻي اڄ دانهون ڪيون آهن، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ڊي ايس پي گولاڙچي اعجازشيخ ۽ ڊي ايس پي ڪمپلينٽ محمد شريف کوسو متاثر ناري ۽ سندس مڙس کي تحويل ۾ وٺي ڪڙيوگھنور ٿاڻي تي وٺي آيا، جتي ناري بيان ڏنو ته آءُ پنهنجي مڙس سان خوش آهيان ۽ ان سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، ناري چيو ته ننڍا ٻار ڇت تي چڙهي تنگ پيا ڪن، جنهن ڪري دانهون ڪيون، بيان بعد پوليس ناري کي مڙس حوالي ڪري ڇڏيو.