لاس اينجلس (شوبز نيوز) امريڪي گلوڪار، رائٽر ۽ ڊانسر مائيڪل جيڪسن فوت ٿيڻ وقت ڪروڙين ڊالرز جو قرضي هو، 25جون 2009ع ۾ مائيڪل جيڪسن امريڪي رياس لاس اينجلس پنهنجي گهر ۾ ئي فوت ٿي ويو هو، نئين عدالتي دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو ته امريڪي گلوڪار پنهنجي وفات کان اڳ 50ڪروڙ ڊالرز جو قرضي هو، ڪيريئر دوران 40ڪروڙ کان وڌيڪ رڪارڊز وڪرو ڪيو، عدالتن ۾ ڪيسز کي منهن به ڏنو، ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته قرض کان ڇوٽڪاري جي لاءِ مائيڪل جيڪسن سوني ڪمپني سان 75ڪروڙ ڊالرز جي ڊيل به ڪئي هئي، درخواست ۾ چيو ويو ته هاڻي به ٽيڪس ۽ قانوني مسئلن سبب مائيڪل جيڪسن جي اسٽيٽ ڪروڙين ڊالرز جي قرضي آهي، ميڊيا رپورٽس موجب مائيڪل جيڪسن کي پنهنجي زندگي ۾ خيراتي عطيو، قانوني خرچ ۽ فضول خريداري سبب تمام گهڻو قرض وٺڻو پيو هو.