لکي غلام شاهه(ن پ ا) لکي غلام شاھ لڳ اغوا ٿي ويل نامياري عالم سيٺارجا واسي عبدالحميد لنڊ ۽ ڊرائيور راشد ڪانڌڙو جي بازيابي لاءِ لکي غلام شاهه موڙ تي لڳل احتجاجي ڪيمپ ٻئي ڏينهن به جاري رهي، پ پ اڳواڻ اڳوڻو ايم اين اي غوث بخش مھر، مولانا اسد الله کهڙو، جي يو آءِ لکي غلام شاهه جي تعلقي امير درگاھ سومراڻي شريف جي سجاده نشين مولانا غلام الله مهر، مولانا عبدالقدير لنڊ، حافظ رفيق شر ۽ ٻيا احتجاجي ڪيمپ تي پهتا. ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مھر چيو ته مولانا عبدالحميد لنڊ بزرگ ماڻهو آهي، ڏوهارين کي شرم اچڻ گهرجي ها ته هن کي اغوا ڪيو ويو آهي،  شڪارپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. مولانا اسد الله کهڙو چيو ته ڌاڙيل مسڪين عالم دين کي اغوا ڪرڻ بدران ڊي سي يا ايس ايس پي جي پٽن کي اغوا ڪرڻ گهرجي ها، افسوس الله جو نالو وٺندڙ بزرگ شخص کي اغوا ڪري 2 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪرڻ ڄڻ مشڪري ڪرڻ آهي. جي يو آءِ لکي غلام شاهه جي امير درگاھ سومراڻي جي سجاده نشين چتاءُ ڏنو ته 48 ڪلاڪ پورا ٿيڻ وارا آهن، مولانا عبدالحميد لنڊ ۽ ڊرائيور راشد ڪانڌڙو کي بازياب نه ڪرايو ويو ته ڌرڻو هڻنداسين