لکي غلام شاھ(ن پ ا) ڳوٺ محمد حسن جتوئي جي پرائمري اسڪول جو ڪم ٺيڪيدار 8 مهينن کان اڌ ۾ ڇڏي ويو آهي، 5 ڪمرن تي مشتمل اسڪول جا 2 سو جي لڳ ڀڳ شاگرد توڙي شاگردياڻيون فرنيچر نه هجڻ ڪري سخت سرديءَ ۾ پٽ تي ويهي تعليم پرائن ٿيون.ڳوٺاڻن ذوالفقار جتوئي، شهمرو جتوئي، غلام رسول جتوئي، ارشاد احتجاج ڪندي چيو ته 8 مهينن کان اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ٺيڪيدار فرار ٿي ويو آهي، شاگردن جو چوڻ هو ته فرنيچر به نه هجڻ ڪري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.