گوجرانوالا (م ڊ) ليبيا ٻيڙي حادثي ۾ ملوث هڪ انساني اسمگلر کي عدالت 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ايف آءِ اي ترجمان موجب اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ ليبيا ٻيڙي حادثي بابت ٻڌڻي ٿي، عدالت جوابدار شهزاد الاهي کي 20 سال قيد ۽ 14 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. فريادي موجب جوابدار هوائي جهاز ذريعي اٽلي موڪلڻ جو ڏٽو ڏئي 24 لک رپيا وصول ڪيا ۽ پوءِ غير قانوني طور ليبيا موڪلي ڇڏيو. ايف آءِ اي ترجمان ٻڌايو ته جوابدار شهري کان اٽلي موڪلڻ جي نالي تي پئسا وصول ڪيا هئا، احسن اقبال نالي متاثر شهري حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو. اي آءِ اي ترجمان موجب جوابدار خلاف 2023ع ۾ ڪمپوزيٽ سرڪل گوجرانوالا ۾ ڪيس داخل ٿيو هو.