لنڊن(م ڊ) برطانيا ۾ اڄ عام چونڊون ٿينديون، تقريبن 5 ڪروڙ ووٽرز پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيندا، ليبر ۽ ڪنزرويٽو پارٽين ۾ چوٽي جو مقابلو آهي، پارليامينٽ جي 650 سيٽن لاءِ ساڍا 4 هزار کان وڌيڪ اميدوار ميدان ۾ آهن، ٽوٽل 650 سيٽن مان 533 انگلينڊ، 59 اسڪاٽ لينڊ، 40 ويلز ۽ 18 سيٽون اتر آئرلينڊ جون آهن. چونڊن دوران سڄي ملڪ ۾ ووٽنگ لاءِ 40 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن. پولنگ مقامي وقت موجب صبح 7 وڳي کان رات ڏهين وڳي تائين جاري رهندي، نتيجن جو اعلان سڀاڻي 5 جولاءِ تي ڪيو ويندو. چونڊن کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽي يا جماعتن کي گهٽ ۾ گهٽ 326 سيٽون گهربل هونديون، فلسطين ۾ جنگ سبب پاڪستاني ڄاون ماڻهن جي اڪثريت ليبر پارٽي کان راهون جدا ڪري ورتيون، يوگو جي سروي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پاڪستاني ووٽرن جو وڏو حلقو ليبر پارٽي بدران گرين پارٽي کي ووٽ ڪندي. جڏهن ته 53 سيڪڙو اقليتي ليبرز کي ووٽ ڏيڻ جو ارادو رکن ٿا.