ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ  ۽ ڳرن بلن خلاف ڪالهه شهرين نٽهڻ اس  ۾ لياري کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعري بازي ڪئي،  ريلي ۾ سماجي اڳواڻ فيصل ايڌي،  شھزاد سومرو سميت عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ شريڪ ھو،  ان موقعي تي لياري واسين چيو ته لياري ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ  جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، 16-18 ڪلاڪن تائين بجلي بند رھي ٿي،  جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران آھي، اسان  سخت گرمي ۾ عذاب واري زندگي گذاريون پيا،  ھنن مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪري بجلي فراھمي يقيني بڻائي وڃي.