ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس جي نان اسٽاپ سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو، 11 جون تائين سروي جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت، ان حوالي سان ڪالهه اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لياري ايڪسپريس وي تي ابتدائي طور ٽيسٽ بس ھلائڻ لاءِ سروي جو ڪم جاري آهي، لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس ھلڻ سان باقي روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گھٽبو، هن چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي بھترين سفري سھولتن جي فراھمي لاءِ سرگرم آھي،