ڄامشورو( رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ عدالتي فيصلن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، ڪيترائي عملدار هن وقت به اضافي چارجن تي مقرر آهن، جنهن تي ڪئمپس ايڊمنسٽريٽر پرويز احمد گهلو وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکارام خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪئمپس ايڊمنسٽريٽر پرويز احمد گهلو صحافين کي ٻڌايو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز پاران يونيورسٽين ۾ عملدارن کان اضافي چارجون واپس وٺڻ جي سختي سان هدايت ڪئي وئي هئي، پر لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ هن وقت به ڪيترائي ئي آفيسر اضافي عهدن تي ويٺل آهن، يونيورسٽي ۾ اهم انتظامي عهدن تي سفارشي آفيسر عدالتي فيصلن جي ابتڙ ۽ ڀڃڪڙي تحت مقرر ٿيل آهن. ڪئمپس ايڊمنسٽريٽر پرويز گهلو مطابق لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکارام ۽ پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ پنھنجا نوازي سبب سينيئر آفيسرن جا حق مري رهيا آهن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ياسر نواز شيخ، ڊائريڪٽر فنانس نديم شڪور، ڊائريڪٽر نرسنگ پروين اختر، پرنسپل ڪاليج آف فارميسي ناهيد ميمڻ، گرلز هاسٽل پرووسٽ شمشاد ميمڻ، منظور جانوري، الماس خان، ڊاڪٽر شگفته ميمڻ ۽ پرنسپل بلاول ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر اشرف خاصخيلي سميت ڪيترن ئي عملدارن وٽ هن وقت به ڪيتريون ئي اضافي چارجون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکارام ترت عملدارن کان واڌو چارجون واپس نه ورتيون ته سندس خلاف عدالت سان رابطو ڪندس.