لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ جيئند جوڻيجو جي رهواسين عبدالغفار جوڻيجو، مفتي عبدالحليم ڇُٽو، سبحان جوڻيجو، محرم جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ نصير آباد پوليس جي ڏاڍاين خلاف وارھ لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته نصير آباد پوليس گهر تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه بعد گهر ۾ پيل روڪ رقم، سونا زيور ۽ موبائل کڻي وئي، ڳوٺاڻن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي. ٻي پاسي “روزاني پنهنجي اخبار” طرفان رابطو ڪرڻ تي نصير آباد پوليس ٻڌايو ته نصير آباد مان صائمه چنجڻي نالي ناري اغوا ٿي هئي، ناري جي والده ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، ناري جي اغوا جو الزام معشوق جوڻيجو تي هيو ۽ ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي ڪورٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي آهي جنهن ۾ جوابدار معشوق جوڻيجو ڳوٺاڻن جي مدد سان فرار ٿي ويو ۽ ڳوٺاڻن پولـــــــيس سان منهن ماري پڻ ڪئي جنهن جو ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.