سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال، احتجاجي ريلي، يونيورسٽي انتظاميا خلاف نعريبازي، ڳالهين کان انڪار. يونيورسٽي ترجمان ملازمن جي احتجاج کي جعلي سلپن واري معاملي تي ستن ملازمن جي معطلين جو ردعمل ڄاڻائي ڇڏيو. مظاهرين ملازمن محمد اسلم گهمرو، طفيل منگي، عبدالرحيم چانڊيو، محمد حسن مهيسر، غلام سرور خاصخيلي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته وي سي ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو  پاران مسئلن جي حل جو يقين ڏيارڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميا کين نظرانداز ڪري رهي آهي، چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل نه ٿيڻ  سبب ملازمن ۾ بي چيني پکڙيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي ملازمن جا مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، يونيورسٽي جي ترجمان موجب ملازمن جي مطالبن جي حل لاءِ وي سي پاران ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪاميٽي جي 8 ڊسمبر تي گڏجاڻي   ۾ ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت نه ڪئي. ملازمن جا ڪافي مسئلا حل ٿي چڪا آهن. بوگس امتحاني سلپن تي 7 ملازمن کي معطل ڪرڻ جي ردعمل ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي.