سکر (بيورو رپورٽ) لطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر جي چارج وومين يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي ملڻ باجود احتجاج ختم نه ٿيو، ڊاڪٽر تهمينا نانگراج جي يونيورسٽي پهچي چارج وٺڻ واري ڏينهن جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر تهمينا عهدي جي چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪالهه جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران ايڊمن بلاڪ آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو، اِن موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر اختيار گهمرو، منير شاهه راشدي ۽ ٻين چيو ته اڳوڻي وي سي خليل ابوپوٽو جي وڃڻ ۽ ڊاڪٽر تهمينا جي وي سي مقرري واري فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، احتجاج ذريعي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اڳوڻي وي سي خليل ابوپوٽو پاران مقرر ڪيل رجسٽرار فرمان منگي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، هنن الزام مڙهيو ته اڳوڻو وي سي خليل ابوپوٽو ويندي ويندي غير قانوني پروموشن ۽ مقرريون ڪيون جن کي فوري رد ڪيو وڃي.