سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ “جشن لطيف” ملهايو ويو، اديبن ۽ شاعرن چيو ته لطيف جدوجهد، مزاحمت ۽ اميد جو  شاعر آهي، هن وٽ زندگيءَ جو تصور ڏاڍو خوبصورت آهي. سنڌ پروگريسو فورم پاران گذريل رات ثقافت کاتي جي تنوير عباسي هال ۾ “جشن لطيف” جي سِري هيٺ خوبصورت تقريب گهرائي وئي. جنهن کي خطاب ڪندي شاهه لطيف جي پارکو ۽ نامياري قانوندان هادي ڀٽ چيو ته شاهه لطيف صدين کان سنڌ جي ماڻهن جي دلين تي فڪري طور راڄ ڪري پيو، لطيف آفاقي شاعر سان گڏ تمام وڏو مفڪر هو، هن زندگيءَ جي موڙ تي جدوجهد جي ڳالهه ڪئي آهي. ناليواري شاعر منظور بيدار چيو ته ايچ ٽي رسولي کان ويندي گربخشاڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي تائين سڀني شاهه لطيف جي شاعري کي سهيڙي سنڌي قوم تي احسان ڪيو، پر سائين جي ايم سيد، لطيف جي شاعري کي فڪري بنيادن تي سنڌي ماڻهن وٽ پهچايو ۽ رسول بخش پليجي ان کي عوامي جدوجهد ۾ متعارف ڪرايو. ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو خطاب ڪندي چيو ته لطيف حب الوطني جو درس ڏنو آهي، يامين ميراڻي چيو ته سنڌ لطيف جي فڪر ۽ پنهنجي شاندار تهذيب ۽ تمدن ذريعي اڄ به مذهبي ڪٽرپڻي آڏو ديوار بڻيل آهي پر اقبال جي ديس ۾ انتهاپسندي جي باهه ٻريل آهي، سندر چاچڙ چيو ته لطيف هر دور ۾ سنڌي قوم جي قومي ۽ فڪري رهبر طور رهنمائي ڪئي آهي، مارئي جو ڪردار دراصل ديس ۽ ديس واسين سان محبت جو پيغام آهي. ان موقعي تي مشاعرو پڻ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ وحيد انصاري، سردار پيرزادو، مجيد نواز مغل، تاج رند ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي. جڏهن ته ناليواري صوفي راڳي مجيد سيال صوفياڻا ڪلام ۽ نديم سرمد قومي گيت پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو.