البرٽا (انٽرسٽنگ نيوز)  ڪينيڊا ۾ لاڳيتو 261 ڪلاڪن تائين آئيس هاڪي ميچ کيڏي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪينيڊا جي شهر البرٽا جي علائقي بفيلو ۾ 40 رانديگرن انڊرو آئيس هاڪي ميچ کيڏي ڏهه لک ڊالرن جو عطيو گڏ ڪري ورتو آهي. ميچ جي پڄاڻي تي رانديگرن جمع ٿيل 10 لک ڊالر بيمار ٻارن جي لاءِ ڏئي ڇڏيا. اها رقم چلڊرين اسپتال ۾ جمع ڪرائي وئي. 261 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ هن ميچ گنيز بڪ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. هن مقابلي تحت هڪ پراڻو رڪارڊ به ٽُٽو، جيڪو آ۾ريڪا ۾ ٺهيو هو. هي رڪارڊ ٺاهڻ ۾ ٻنهي ٽيمن کي هڪ مهيني تائين محنت ڪرڻي پئي هئي.