لاڳيتو ورزش بعد معصوم نينگر مارشل آرٽ ماهر بڻجي ويو

0
283

ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) لاڳيتو ورزش بعد معصوم نينگر مارشل آرٽ ماهر بڻجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان ۾ 8 ورهين جي رائيوسي بروس لي کان متاثر ٿي ورزش شروع ڪئي، ٽن سالن جي لاڳيتو ورزش بعد معصوم ٻارڙي پاڻکي بروس لي جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي، رائيوسي بروس لي وانگر ٻن ڀتين تي ڄنگهون رکي ڇڏا ڦاڙڻ ۾ ماهر ٿي ويو آهي، معصوم ٻارڙواسڪول مان واپس اچي ڪڪس ۽ ننچڪوجي مشق ڪري ٿو، رائيوسي 5 ورهين جي ڄمار ۾ بروس لي جي فلم گيم آف ڊيٿ ڏسي متاثر ٿيو هو، معصوم ٻار روزصبح 6 وڳي اٿي هڪ ڪلاڪ ڊوڙ لڳائڻ بعد هڪ ڪلاڪ ورزش ڪري ٿو، سوشل ميڊيا تي رائيوسي جا لکين مداح موجود آهن رڳو فيس بڪ تي 3 لک فالوورز آهن جيڪي سندس وڊيوز باصابطا ڏسن ٿا. ان حوالي سان رائيوسي جو چوڻ آهي ته روز ساڍا 4 ڪلاڪ ورزش ڪندو آهيان، ڪابه ڏکيائي نٿي ٿئي. هن چيو ته بروس لي کي پنهنجو استاد سمجهان ٿو ۽ سندس فلمون ڏسي مشقون ڪندو آهيان.