لاکا روڊ (ن پ ا) لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ حاجي رسول بخش ڏاهري ۽ ڳوٺ اقبال اسٽيٽ ۾ باهه لڳڻ جي ٻن واقعن ۾ 8-پورهيتن جا گهر سڙي رک، گهريلو سامان سڙڻ سميت چوپايو مال به سڙي مري ويو. ڳوٺ حاجي رسول بخش ڏاهري ۾ پورهيت غلام  رسول ڏاهري جي گھر کي چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب سندس گهر جو سامان سڙي رک ٿي ويو. جڏهن ته سندس واڙي ۾ بيٺل هڪ ڳئون ۽ هڪ مينهن ڦر سميت سڙي مري ويون. ڏسندي ئي ڏسندي باهه ڀرواري گهر کي به وڪوڙي ورتو جنهن سبب مھرو مل مارواڙي جو گهر به سامان سميت سڙي رک ٿي ويو. ٻئي طرف ڳوٺ اقبال اسٽيٽ ۾ پڻ چلهه مان چڻنگ سبب بشير جٽ جي گهر کي باهه لڳي وئي، جيڪا ٻين گهرن کي به وڪوڙي وئي، جن ۾ محمد نواز جٽ، رياض جٽ، غلام مصطفي جٽ، منظور جٽ ۽ خادم حسين جٽ جا گهر سڙي رک ٿي ويا، سوين ڳوٺاڻن باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو، جنهن بعد ڪنڊيارو ٽائون ڪاميٽي مان فائر برگيڊ پهچي بههھ تي ضابطو آندو. باهه متاثرن ڊي نوشهروفيروز، تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي.