لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ گل محمد جعفري جي رهواسين ڪزبانو جعفري پنهنجي مائٽن زينت خاتون، مائي پيران، امداد علي جعفري سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته معذور پٽ عبدالحئي جعفري کي غلام نبي جعفري، فيرو جعفري، فتح محمد، معشوق، الھ ڏاتو، پناھ جعفري، طارق ۽ چاڪر جعفري گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو. پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.